اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ پاران پاڪستان جي ڪاوشن جو اعتراف سفارتي ڪاميابي آهي، ڀارت جا ناپاڪ ارادا مٽي ۾ دٻجي ويا.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ 11 نڪتن جي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو جڏهن ته وفاقي ڪابينا کي بجلي جي قيمتن ۽ احساس پروگرام ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن جي ڪردار ۽ هنرمند پروگرام بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پروگرام تحت هڪ لک 70 هزار ٻارن کي هنر فراهم ڪيو ويندو.اجلاس ۾ بينظير ايئرپورٽ پاران بلند عمارتن جي حد مقرر ڪرڻ، مهر علي شاهه جي بطور ڪمشنر انڊس واٽر مدي ۾ ٽن مهينن جي واڌ، نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن جي قاعدن موجب بزنس ۾ ترميم، صدر عارف علوي، اختر مينگل ۽ سينيٽر جهانزيب جمالديني جي سيڪيورٽي جي علاوا ديامير، ڀاشا ڊيم جي سيڪيورٽي لاءِ 433 منع ٿيل بور وارن هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ڪابينا صحافين ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن جي تحفظ جي بل جي به منظوري ڏني.اجلاس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان بابت بيان جو به ذڪر ڪيو ويو.وفاقي ڪابينا چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي آمريڪي صدر ٽرمپ کان پاڪستان مخالف بيان ڏيارڻ ۾ ناڪام ٿي ويو.ڪابينا جي ميمبرن کي سفارتي ڪاميابين کي هٿي ڏيارڻ جي هدايت ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ٽرمپ پاران پاڪستاني ڪاوشن جو اعتراف سفارتي ڪاميابي آهي ۽ ان بعد ڀارت جا ناڪاري ارادا به مٽي ۾ دٻجي ويا.