”ٽرمپ جي فيصلي کي ڀليڪار چئون ٿا“؛شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (بيوور) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان کي ڀليڪار چئون ٿا، ٽرمپ صورتحال جي سنگيني کي سمجهندي مداخلت جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان ۽ سندس ڪابينا بهترين پرڏيهي پاليسي اختيار ڪرڻ ۽ ڇڪتاڻ ۾ بهترين سفارتڪاري تي پرڏيهي وزارت کي مبارڪون پيش ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جا آمريڪا سان پراڻا لاڳاپا آهن، آمريڪا جي مداخلت خطي ۾ امن لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته گذريل رات منهنجي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هن پاڪستان اچڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، جنهن تي مان کيس ڀليڪار چيو، اڄ سعودي پرڏيهي وزير، ولي عهد محمد بن سلمان جو اهم پيغام کڻي پاڪستان اچي رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان امن امان جا خواهشمند آهيون، پهرين ڏينهن کان وٺي چئي رهيا آهيون ته ڀارت طرفان خطي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ جون ڪوششون سياسي مقصدن تحت آهن، بي جي پي ليڊر پاڻ دعويٰ ڪري رهيو آهي ته پاڪستاني حدن ۾ فضائي حملي سان کين لوڪ سڀا ۾ 22 سيٽون وڌيڪ ملنديون. هوڏانهن برطانيا جي پرڏيهي معاملن بابت سيڪريٽري آف اسٽيٽ جيريمي هنٽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي ٽيلي فون ڪري ڀارتي جارحيت کانپوءِ خطي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڀارتي حملا عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن، جن جو پاڪستان پنهنجي فضائي حدن ۾ رهي بچاءُ ڪيو آهي، پاڪستان صورتحال کي بهتر ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان خاطر ڳالهين لاءِ تيار آهي. هن برطانيا کي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڀريو، جڏهن ته جيريمي هنٽ پڻ خطي جي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي ٻنهي ڌرين کي جنگ بندي ۽ معاملي جي تڪڙي حل لاءِ زور ڀريو. ٻنهي اڳواڻن ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ صلاح مشوري تي راضپي جو به اظهار ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *