ٽرمپ جي صدر ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا جو اصل روپ سامھون آيو آهي: مولانا فضل الرحمان
February 12, 2017 at 11:50 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
پشاور(م ڊ) مولانا فضل الرحمان پشاور ۾ وڪيلن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته نائن اليون واري واقعي کان پوءِ دهشتگردي خلاف جنگ جي آڙ ۾ اسلام ۽ مسلمانن کي نشانو بڻايو ويو. اها جنگ دهشتگردن خلاف نه پر امت ۽ مذهب جي خلاف هئي هاڻي ڊونلڊ ٽرمپ جي صدر ٿيڻ کا پوءِ اهي ڳالهيون سامهون آيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٽرمپ مسلمانن خلاف بيان ڏئي ووٽ حاصل ڪيا ۽ سندن پهريون قدم ئي مسلمانن جي خلاف هو. ۱۵ سالن کان پوءِ ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي اصلي چهرو سامهون آندو آهي ۽ ثابت ڪيو آهي ته دهشتگردي خلاف کنيل قدم اصل ۾ اسلام خلاف هو. فاٽا جي حوالي سان مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته فاٽا جي انضمام جي جو مخالف ناهيان. مون کي ڏوهي قرار ڇو پيو ڏنو وڃي، فاٽا جو انضمام ۽ ڌار صوبو هڪ ئي ڳالهه آهن.