ٽرمپ جي بيان تي آمريڪي سفارتخاني جو انچارج پرڏيهي آفيس طلب، شديد احتجاج

اسلام آباد ( بيورو ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي پاڪستان مخالف بيان تي پرڏيهي آفيس آمريڪي سفارتخاني جي انچارج کي طلب ڪري غير ضروري ۽ بي بنياد الزامن تي سخت حتجاج ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا احتجاجي خط آمريڪي سفارتخاني جي انچارج پال جونز حوالي ڪيو. ترجمان موجب احتجاجي خط ۾ پاڪستان بابت صدر ٽرمپ جي غير ضروري ۽ بي بنياد الزامن تي سخت احتجاج ڪيو ويو. ترجمان موجب پاڪستان آمريڪي صدر جي تازي ٽوئيٽس تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته اساما بن لادن بابت اهڙا بيان نه قبولڻ جوڳا آهن. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته آمريڪي صدر جي تازي ٽوئٽس تي مايوسي ٿي،  پاڪستان بابت اهڙي قسم جا بي بنياد نه قبولڻ جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن دهشتگردي جي قيمت ادا نه ڪئي آهي، آمريڪي قيادت القاعده خلاف آپريشن ۾ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي هئي، آمريڪا وساري نه القاعده جي سربراهن جو موت پاڪستان جي سهڪار سان ٿيو آهي. تهمينا جنجوعا چيو ته دهشتگردي جو خطي مان خاتمو پاڪستان جي سهڪار سان ٿيو، پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ عالمي برادري جو ساٿ ڏنو، پاڪستان زميني، هوائي ۽ سامونڊي رستن تان ڪميونيڪشن فراهم ڪئي، پاڪستان ۽ آمريڪا امن لاءِ افغانستان ۾ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *