واشنگٽن ( م ڈ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تيڪي جي معيشت کي تباهه ڪرڻ واري بيان تي يوٽرن وٺندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي ترقي جا وسيع موقعا آهن. ڪالهه آمريڪي صدر ٽرمپ ترڪي خلاف انتهائي سخت بيان جاري ڪندي ٽوئيٽ ڪئي هئي ته شام مان آمريڪي فوج جي واپسي شروع ٿي وئي آهي جيڪڏهن ترڪي شام ۾ ڪردن کي نشانو بڻايو ته آمريڪا ترڪي کي اقتصادي طور تي تباهه ڪري ڇڏيندو. پر اڄ آمريڪي صدر چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن. صدر ٽرمپ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته منهنجي ترڪ هم منصب طيب اردگان تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ جا ڪيئي موقعا موجود آهن. آمريڪي صدر چيو ته هن جي ترڪ صدر سان شام ۾ آمريڪي فوج جي واپسي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ کيس گذريل ٻن هفتن دوران داعش خلاف جنگبندي ۾ پنهنجي تازين ڪاميابين کان آگاهه ڪيو جڏهن ته ويهه ميل ڊگهي هڪ سيف زون ( محفوظ علائقو ) ٺاهڻ تي به خيالن جي وٺ ڪئي وئي. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هو شام ۾ ترڪي سيڪيورٽي جي خدشن کان آگاهه آهيون ۽ انهن جي مدد ڪرڻ چاهيون ٿا. واضح رهي ته ترڪ پرڏيهي وزير معيشت تباهه ڪرڻ جي ٽرمپ جي ڌمڪين کي رد ڪندي چيو هو ته هو ڪنهن به ڌمڪي کان ڊڄڻ يا پريشان ٿيڻ وارن مان ناهن.