ٽرمپ برسلز پهچي ويو، هزارين ماڻهن جو احتجاجي مظاهرو

برسلز (م ڊ): آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ بيلجيم جي شهر برسلز پهچي ويو آهي، ان موقعي تي هزارين ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو، پرڏيهي دورن تي نڪتل آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي احتجاجي مظاهرن سان منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي زال ميلانيا سان گڏ برسلز پهتو ته انهن جي آمد خلاف هزارين ماڻهن چار ڪلو ميٽر تائين مارچ ڪيو، مظاهري ۾ انساني حقن جا ڪارڪن، شاگرد ۽ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي، جڏهن ته مظاهرين ٽرمپ جي جارحانه پاليسن، ميڪسيڪو جي سرحد تي ڀت ۽ مسلمانن خلاف قدمن سميت ٻين پاليسن خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا، مظاهري ڪندڙن جو چوڻ هو ته خطي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ نيٽو ڪوئي حل ناهي، جڏهن ته مظاهرو ڪندڙن امن ڪيمپ قائم ڪيو آهي ۽ اڄ نيٽو ڪانفرنس جي موقعي تي به مظاهرو ڪيو ويندو، ان کان اڳ فلسطين ۽ اسرائيل ۾ به ٽرمپ جي آمد تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *