لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته حڪمران اڄ جا هجن يا سڀاڻي جا رڳو ڪرپشن ۾ ئي ماهر آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اکيون ڏيکاريون ته اسلام آباد جو تختو ڏڪڻ لڳو آهي. قوم جيڪڏهن سرينگر ۾ آزادي جو جشن ملهائڻ چاهي ٿي ته اپيل ڪريان ٿو ته سڀ هڪ ٿي وڃن. هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ جوش جذبي ۽ مسئلن جي ڪا به ڪمي ناهي. گڏيل قومن ۽ اسلامي ڪائونسل ڪشمير جي معاملي تي گونگي ٻوڙي ۽ انڌي آهي. ڪشمير ۾ روزاني چار ماڻهو قربانيون ڏين ٿا. هن چيو ته ڪمشيرين جي جدوجهد آزادي ناڪام ٿي ته پاڪستان بنجر ٿي ويندو. رڳو زباني مطالبي تي حافظ سعيد کي نظر بند ڪيو ويو. هن چيو ته ٽرمپ جيڪڏهن آمريڪا ۾ اسلامي ملڪن جي ماڻهن کي اچڻ جي اجازت نه ٿو ڏي ته اسان به آمريڪي شهرين کي هتي اچڻ نه ڏينداسين. لاهور ۾ نڪتل يڪجهتي ڪشمير ريلي کي خطاب ڪندي سراج الحق وڌيڪ چيو ته نبي ڪريم صه جي زندگي اسان لاءِ هڪ بهتر نمونو آهي. ڀارت وڏو ملڪ آهي جنهن وٽ هٿيار ۽ فوج جو انگ تمام گهڻو آهي پر الله جي طاقت ۾ ڪا ڪمي ناهي آئي اڄ به اسان الله جي ذات تي ڀروسو ڪريون ته هڪ ماڻهو ته ڇا ڏهن ماڻهن جو مقابلو ڪري سگهون ٿا. ڪشميري عوام ڀارت کي ڪڏهن به نه مڃيو آهي، روزاني ڪيترائي جوان پنهنجي جان جو نظرانو ڏين ٿا. هيئنر تائين هزارين ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن. لکين ٻار يتيم ٿي ويا آهن. ڪشميري عوام پنهنجو قرض پورو ڪري ڇڏيو آهي