ٽرانسپيرنسي انٽر نيشنل جي رپورٽ کانپوءِ حڪمران قوم کي ڪهڙو منهن ڏيکارايندا: سعيد غني

 ڪراچي ( اسٽاف رپورتر ) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٽرانسپيرنسي جي رپورٽ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان ۾ هن سال ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ مهانگائي ۽ بيروزگاري گذريل هڪ سال ۾ غريب جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل رپورٽ عمران خان جي دعون کي پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته رپورٽ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڏيڍ سال ۾ اسان جو ملڪ هر حوالي سان پوئتي هليو ويو 10 سالن کانپوءِ ملڪ جو ٽرانسپيرنسي انڊيڪس تنزلي جو شڪار ٿيو. سعيد غني چيو ته انساني حقن جي پامالي جي حوالي سان به پاڪستان جو درجو گذريل هڪ سال ۾ خراب ٿيو جڏهن ته ميڊيا تي اڄ جيتري پاپندي آهي پهريون ڪڏهن ڏسڻ ۾ نه آئي ۽ گذريل هڪ سال ۾ عدليه ۽ ميڊيا تي به حملن ۾ اضافو ٿيو آهي هن چيو ته قانون جي حڪمراني جي حوالي سان جاري رپورٽ ۾ به پاڪستان وڌيڪ تنزلي جي طرف ويو آهي ۽ هڪ سال ۾ پاڪستان جمهوري اقدار جي حوالي سان به پوئتي هليو ويو آهي مخالف ڌر جي خلاف ڪارروايون به وڌي ويون آهن. صوبائي وزير چيو ته ان رپورٽ کانپوءِ حڪمران قوم کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندا هاڻي هن سرڪار وٽ اقتدار ۾ رهڻ جو جواز آهي نه ڪنهن ٻي ڳالهه ڪرڻ جو جواز آهي پاڻ حڪومتي وزير پنهنجي حڪومت تي ڪرپشن ۽ بيد گورننس جو الزام لڳائي رهيا آهن هاڻوڪي حڪومت ماڻهن کان نوڪريون، گهر ۽ اٽو به کسي ورتو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *