ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جو شعبو ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ خاص نوعيت جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي سرتاج عزيز

اسلام آباد (اين اين آءِ) ڊپٽي چيرمين پلاننگ ڪميشن سرتاج عزيز چيو ته ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جو شعبو ملڪ م سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ خاص نوعيت جو ڪرادار ادا ڪري رهيو آهي پيداوار وڌا.ئڻ لاءِ موثر ۽ فعال ٽرانسپورٽ جو نظام ۽ جديد بنيادي شرستو هڪ ٻئ.ي جي لاءِ ضروري آهي هو سي ڊي ڊبليو ٽي جي اجلاس کي خطابڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات بابت 24.2 ارب رپيا ماليت جي منصوبن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ريلوي جي و زارت ٽرمينل جو سهولتون ۽ خشڪ بندرگاهن جي اپگريڊيشن جي لاءِ ٻه ارب 36 ڪروڙ، 95 لک 60 هزار رپين جو منصوبو پيش ڪيو، جنهن جو مقصد پپري مارشلنگ يارڊ ۽ بادامي باغ ۾ موجود ٽرمينل جي اپگريڊيشن ۽ ان کي جديد سهولتون فراهم ڪ رڻ ۽ ان سان لاهور جي مغل پورا ۽ پشاور جي اضا خيل خشڪ بندرگاهن جي اپگريڊيشن به شامل آهي جنهن کي اجلاس منظور ڪري و رتو، اجلاس ۾ ريلوي جي و زاررت ڪراچي سکر ڊويزن، ٺٽو ڄام شورو، حيدر آباد دادو نوابشاهه، 27 ۽ 28 ڊسمبر 2007 تي ٿيل وڳوڙن جي نتيجي ۾ نقصان وارن اثاثن جي بحالي جي لاءِ 10 ارب 49 ڪروڙ پنج لک چار هزار رپيا لاڳت جو منصوبو پيش ڪيو. جنهن کي اجلاس وڌيڪ منظوري جي لاءِ ايڪنڪ ڏانهن اماڻي ڇڏيو، ريلوي جي وزارت چئن صوبن ۾ 2010 جي سيلاب سان ٿيل اثاثن جي نقصانن ۽ بحالي جي لاءِ 9 ارب ٽيانوي ڪروڙ 356 لک 68 هزار رپيا لاڳت جو منصوبو پيش ڪيو جنهن کي اجلاس منظوري جي لاءِ ايڪنڪ ڏانهن اماڻي ڇڏيو ، ريلوي جي وزارت هڪ ارب 24 ڪروڙ 21 لک 61 هزار رپين جي لاڳت جو هڪ ٻيو اهم منصوبو پيش ڪيو، جنهن ۾ سک برادري جي ڀلائي جي لاءِ حسن ابدال ننڪانه صاحب ۾ ريلوي اسٽِشن کي جديد سهولتن سان تيار ڪرڻ آهي. انکي به اجلاس منظور ڪري و رتو، حڪومت بلوچستان تفتان بازار چاغي ۾ ڪلي سردار عبدالله ٽاپ سياه روڊ جي اڏاوت جي لاءِ 16 ڪروڙ 97 لک 57 هزار رپين جو منصوبو پيش ڪيو جنهن کي اجلاس منظور ڪري ورتو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *