ڪراچي (هه آ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ و ماس ٽرانزٽ ، مذهبي معاملن، عشر ۽ زڪوات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ٽرانسپورٽ جي ميگا منصوبن سان لکين شهري روزانو مستفيد ٿيندا جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان هلندڙ 22 کان وڌيڪ وڏن ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ سان عام ماڻهو کي رليف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي رهائشگاهه تي آمريڪي سفارتخاني جي هڪ وفد سان ملاقات دوران ڪيو. جنهن جي قيادت سفارتخاني جا پوليٽيڪل سيڪريٽري آئن جي ميڪري ڪري رهيو هو. جڏهن ته ڪراچي قونصل خاني جي پوليٽيڪل ۽ اڪنامڪ چيف ۽ آمريڪي قونصل جنرل مس گريس شيلٽن، صوبائي وزير امداد پتافي سميت ٻيون اهم شخصيتون پڻ موجود هيون. صوبائي وزير ان موقعي تي چيو ته سنڌ حڪومت عام ماڻهو جي زندگي کي بهتر کان بهتر بڻائڻ چاهي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ، زڪوات و عشر ۽ مذهبي معاملن جي کاتن ۾ اصلاحات ڪيون پيون وڃن. صوبائي وزير وفد کي ٽنهي کاتن جي حوالي سان عوام لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. آمريڪي وفد ان موقعي تي ٽرانسپورٽ جي منصوبن ۾ خاص دلچسپي جو اظهار ڪيو. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ماس ٽرانزٽ جي منصوبن تي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعليٰ سنڌ انتهائي متحرڪ آهي ۽ سمورن منصوبن تي نه صرف رهنمائي ڪندو آهي پر منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ اچانڪ دورا پڻ ڪندو آهي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ماس ٽرانزٽ جي منصوبن سان غريب ۽ مزدور طبقي جي مشڪلات گهٽ ٿيندي ۽ عوام جديد ۽ آرام واريون سفري سهولتون حاصل ڪندو. صوبائي وزير وڌيڪ وفد کي ٻڌايو ته بس ريپڊ ٽرانزٽ جي هڪ منصوبي اورينج لائين کي دنيا جي معروف ۽ سماجي شخصيت عبدالستار ايدهي جي خدمتن جي اعتراف ۾ ان جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. آمريڪي وفد سنڌ حڪومت طرفان عوام کي رليف ۽ ان جي زندگي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي سلسلي ۾ منصوبه بندين ۽ ترقياتي ڪمن جي سلسلي ۾ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جي تعريف ڪئي ۽ انهن کي سارهايو. هن ماس ٽرانزٽ ۽ خاص ڪري ڪراچي سرڪل ريلوي جي منصوبن جي به تعريف ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ ٽرانسپورٽ جي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي ڪاوشن کي سارهايو آخر ۾ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير آمريڪي وفد جي سمورن ميمبرن کي سنڌ جو ۽ ثقافتي تحفو اجرڪ پيش ڪيو.