ٽرائل منتقلي واري درخواست تي فيصلو اچڻ تائين ڪارروائي جو حصو نه بڻجنداسين:نواز شريف

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وزيراعظم ناوز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل مل ۽ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ٽرائل جي ٻي عدالت منتقلي واري درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي اچڻ تائين ڪاروائي جو حصو نه بڻجنداسين. فيڊرل جوڊيشل ڪمپلڪس ۾ احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڳوڻي وزيراعظم جي خلاف ٻن ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي ته العزيزيه اسٽيل مل ۽ فليگ شپ ريفرنس جي جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن پڻ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران احتساب عدالت جي جج نواز شريف جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ٻڌايو ته ٽرائل واري معاملي ۾ ڇا ڪيو وڃي، جنهن خواجھ حارث چيو ته توهان جي نوٽيس ۾ آڻڻ چاهيون ٿا ته توهان انهن ريفرنس جي ٻڌڻي نه ڪيو. جج محمد بشير چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي خط لکي ڇڏيو آهي، ريفرنس جي منتقلي منهنجو اختيار ناهي جنهن تي خواجه حارث سوال ڪيو ته توهان پنهنجي ضمير موجب ڏسو، ڇا توهان کي هاڻ اهو ريفرنس ٻڌڻ گهرجي. جنهن تي احتساب عدالت جي جج محمد بشير پڇاڻو ڪيو ته توهان ريفرنس جو ٽرائل منتقل ڪرڻ جي هاءِڪورٽ ۾ درخواست ڏني هئي ان جو ڇا ٿيو؟ جنهن تي خواجه حارث چيو ته گذريل ڏينهن پراسيڪيوٽرن مان ڪو به هاءِ ڪورٽ ۾ موجود نه هو. نواز شريف جي وڪيل چيو ته ٽرائل جي ٻي عدالت منتقل ڪرڻ واري درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي اچڻ تائين ڪاروائي جو حصو نه بڻجنداسين. ان موقعي ته ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر عباسي جو چوڻ هو ته خواجه حارث سپريم ڪورٽ ۾ به اهو معاملو اُٿاريو جنهن تي عدالت لاڳاپيل فورم تي وڃڻ جو چيو هو. هن وقت تائين ريفرنس جي ڪاروائي وڌائڻ تي ڪو به حڪم امتناع ناهي انڪري مناسب ٿيندو ته جنهن معزز جج سڄو ڪيس ٻڌو آهي ته اهو ئي ان کي اڳتي وڌائي. جج محمد بشير نواز شريف جي وڪيل کان سوال ڪيو ته توهان جيل ٽرائل تي ڇا چوڻ چاهنيدا؟  جنهن تي خواجه حارث جواب ڏيندي چيوته اسٽيڪ هولڊر کي اعتماد ۾ وٺي فيصلو ڪرڻ گهرجي، اسان پنهنجي اصيل سان صلاح مشورو ڪري جواب ڏئي سگهون ٿا. احتساب عدالت جي جج چيو ته اهو ايترو آسان ناهي ته هتان اٿون ۽ جيل وڃي ٽرائل شروع ڪري ڇڏيون، صفائي وارن وڪيلن، شاهدن ۽ جج لاءِ جيل ۾ وڃڻ جو ڪهڙو طريقو هوندو. ان موقعي ته نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جيل ۾ ٽرائل سان لاڳاپيل نوٽيفڪيشن گزٽ آف پاڪستان ۾ اچي چڪو آهي جنهن تي هاڻ فريادي يا بچاءٌ  ڪو به اعتراض نٿو واري سگهي.  جنهن تي نواز شريف جي وڪيل چيو ته جيل ٽرائل جي نوٽيفڪيشن جي مقصد اسان کي خبر آهي، نوٽيفڪيشن جو مقصد آهي ته چونڊن کان اڳ ڪو به نواز شريف ڏسي يا ٻڌي نٿو سگهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 30 جولائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *