ٽئين ملڪ کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ تي سينيٽ ۾ رضا رباني جو سوال

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر رضا رباني ٽئين ڌر کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ تي سوال اُٿاري ڇڏيا. سينيٽ جي اجلاس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي رضا رباني جو چوڻ هو ته ٽئين ملڪ کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، ڇا پارليمان کي اعتماد ۾ وٺڻ لازمي نه هو. نيشنل پارٽي جي حاصل بزنجي جو سينيٽ ۾ چوڻ هو ته سعودي عرب کي گوادر ۾ آئل ريفائنري لڳائڻ ۽ ريڪوڊڪ منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي ڳالهه سامهون آئي آهي. هن پڇاڻو ڪيو ته سعودي عرب وٽ مائننگ جي ڪهڙي مهارت آهي؟  سينيٽر حاصل بزنجي الزام هنيو ته ڇا بلوچستان جا فيصلا وفاقي حڪومت ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومتي وضاحت تائين پارليامينٽ  جي ٻاهر هر ڏينهن هڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻو هڻنداسين

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *