ٽئنڪر مافيا بڻجي ويا آهن، کين منهن ڏينداسين، پنهنجي فيصلن تي عمل ڪرائينداسين: چيف جسٽس

ڪراچي( م ڊ ) چيف جسٽس ثاقب نثار ناقص کير بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران مينهن کي لڳندڙ انجيڪشن فوري طور ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته مافيا جون ڳالهيون سڀ ڪن ٿا پر ڪير نالو نه ٿو کڻي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ دٻي جي کير جي وڪري بابت پاڻمرادو نوٽيس سميت ماحولياتي آلودگي ۽ پاڻي جي فراهمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهو، ايم ڊي واٽر بورڊ هاشم رضا زيدي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سميت ٻيا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. چيف جسٽس چيو ته سمورن اختيارين جا ٿورا مڃي ٿو ته موڪل واري ڏينهن به حاضر ٿيا آهن، عوامي مفاد جو معاملو آهي، سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ناقص کير بابت ٻڌڻي شروع ٿي ته ناظر پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ پيش ٿيا جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪيترن ئي هنڌن تي ڇاپا هنيا ۽ رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو جڏهن ته مينهن کي لڳندڙ انجيڪشن جا 39 پيڪٽ ضبط ڪيا ويا. چيف جسٽس حڪم ڏنو ته ڊرگ انسپيڪٽر مارڪيٽن ۾ ڇاپا هڻي ۽ مينهن کي لڳندڙ انجيڪشن ضبط ڪري جڏهن ته چيف جسٽس سيڪريٽري صحت کي حڪم ڪيو ته انجيڪشن کي ضبط ڪرڻ جو ڪم ڊرگ انسپيڪٽر کي ڏنو وڃي، ايف آءِ اي، ڊرگ انسپيڪٽرز، ڊسٽري بيوٽرز ۽ ريٽيلرز جي اسٽاڪ جو جائزو ورتو وڃي. چيف جسٽس چيو ته ڏٺو وڃي ته مارڪيٽن ۾ انجيڪشن ڪيتري مقدار ۾ موجود آهي. چيف جسٽس چيو ته اسان هر برانڊز جي کير جو جائزو وٺنداسين، چيف جسٽس عدالتي معاون کي حڪم ڏنو ته هر ڪمپني کان 50 هزار رپيه وٺي معائنو ڪرايو وڃي، پيڪ ٿيل کير جي پي سي ايس آءِ آر جو پاڻ معائنو ڪيو.  عدالت پيڪٽ جي کير جو معائنو ڪري ٻن هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪئي. چيف جسٽس ثاقب نثار ماحولياتي آلودگي جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج امير هاني مسلم کي واٽر ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو ۽ کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جا اختيار ڏئي ڇڏيا.  ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته ڀرپور ڪارروائي لاءِ هاني صاحب کي مڪمل اختيار ڏينداسين، اسان غير معمولي ڪم ڪري رهيا آهيون، رات 12 وڳي به عدالت لڳائينداسين. هن چيو ته منهنجا جج رات جو به ويهي سگهن ٿا، هي ماڻهو مون کي سٺي ماني به کارائين ٿا، پاڻي جي رٿائن ۾ بجلي جي بندش نه هئڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته چيف سيڪريٽري صاحب اسان توهان جي مدد لاءِ آيا آهيون جيڪڏهن توهان کي فنڊ نه ٿو ملي ته سوچي آيو آهيان پنهنجي ٽن مهينن جي پگهار توهان کي ڏيندس. هن چيو ته اسان ڪم بند نه ٿيڻ ڏينداسين، ماڻهن جا مسئلا حل ڪنداسين، توهان کي ٻين کان به چندو وٺي ڇڏينداسين. پاڻي جي فراهمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته کين رپورٽن ۾ نه ڦاسايو وڃي، ٻڌايو وڃي ته شهر ۾ پاڻي جي کوٽ ڇو آهي، ٻڌايو وڃي ته شهر ۾ پاڻي جي کوٽ ڇو آهي، سڌو ٻڌايو ته رٿا تي عمل ڪڏهن ٿيندو. ايم ڊي واٽر بورڊ چيو ته ڪيترائي علائقا ڪچيون آباديون آهن جتي لائنون نه آهن، چيف جسٽس چيو ته پاڻي جي کوٽ ٽئنڪرن سان ڇو پوري ٿيندي آهي، هلو پيئڻ جو پاڻي ڇڏيو، استعمال جو پاڻي ٽئنڪرن سان ڇو پورو ٿي رهيو آهي. ايم ڊي واٽر بورڊ چيو ته پاڻي جي طلب ۽ رسد ۾ فرق آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ذريعو توهان ئي آهيو، پاڻ پاڻي جي فراهمي جو انتظام ڇو نه ٿا ڪيو، ڇا ڊفينس ۾ پاڻي جي فراهميءَ جو ڪو پنهنجو نظام ناهي.  هن چيو ته ٽئنڪر مافيا بڻجي چڪي آهي، اربين رپيه ڪمايا پيا وڃن، سنڌ سرڪار شهرين کي پاڻي به فراهمي نه ڪري رهي آهي، ٽئنڪرن جي ٺيڪن پويان ڪير آهي، غريبن کي 4 هزار رپين جا ٽڪا هنيا پيا وڃن، مافيا جا پنهنجا مفاد آهن، بااثر ماڻهو ٽئنڪر بند ٿيڻ نه ڏيندا. چيف جسٽس چيو ته ايم ڊي واٽر بورڊ ذميواري ادا نه ٿو ڪري عهدو ڇڏي ڏي، جيڪڏهن اختيار ناهي يا ناڪام آهيو ته ڪابه ڳالهه ناهي، ٽئنڪر مافيا کي منهن ڏيڻ اسان جو ڪم آهي، جيڪڏهن هو هڙتال ڪنداسين ته کين منهن ڏينداسين. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ميئر کي مخاطب ٿيندي چيو ته شهر جا مسئلا حل ڪرڻ توهان جي ذميواري آهي، ايندڙ هفتي اينداسين، توهان مسئلن جو حل اسان سامهون رکو. ميئر وسيم اختر چيو ته شهر جي ڍانچي کي درست ڪرڻ جي ضرورت اهي، قبضا ننڍن نه پر وڏن به ڪيا آهن. سپريم ڪورٽ ڪراچي شهر ۾ گهڻ ماڙ عمارتون ٺاهڻ جي به اجازت ڏئي ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *