ٻيھر ٿيندڙ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ: ڪنھن جو فائدو ڪنھن جو نقصان؟

November 15, 2024 at 1:30 am

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ھدايتن کي نظر ۾ رکندي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ، سکر آءِ بي اي پاران ڏيڍ مھيني اندر ڪرائڻ جي خواھش جو اظھار ڪيو ويو آھي ۽، ٽيسٽ جي لاءِ 232.14 ملين يعني لڳ ڀڳ ٽيويھ ڪروڙ رپين جي منظوري به ڏئي ڇڏي آھي. وڏي وزير ٽيسٽ نتيجن ۽، ميڊيڪل ڪاليجن ۾ وقت سر داخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ھن خواھش جو اظھار به ڪيو آھي ته، سنڌ جا سمورا بورڊ ھائير سيڪنڊري سطح وارن امتحاني نتيجن جو اعلان ھڪ مھينو اڳ ڪن. خواھشن جي حد تائين ته ھي ڪم تمام ڀلو آھي پر ڇا بعد ۾ ٿيندڙ امتحان ۽ ٽيسٽون ان خرابيءَ کان پاڪ ٿي ويندا، جنھن جي ڪري معاملا اتي اچي پھتا آھن جو جيڪو ڪم اسان جي ادارن جي ڪرڻ جو آھي اھو ڪم يا ته ڪورٽون ڪري رھيون آھن يا وري حڪومتون ڪري رھيون آھن. گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي انعقاد ۽ بورڊ امتحانن جي نتيجن تي سوال اُٿندا رھيا آھن. خاص طور تي، بورڊ امتحانن ۾ سوشل ميڊيا جي استعمال ۽، ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جا پرچا وقت کان اڳ لِيڪ ٿيڻ ۽، ساڳيا مامرا ڪورٽ ڪچھرين جي زينت بڻجڻ کانپوءِ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۽، بورڊ امتحان پنھنجي ساک وڃائڻ جو سٺو رڪارڊ به رکن ٿا. نه صرف ايترو پر ٻار ۽ ھنن جا والدين ھنن ٽيسٽن ۽ امتحانن جي نتيجن کي پنھنجي پنھنجي معاشي سگھ، ذاتي ھلندي پڄندي يا سماجي دٻاءُ جي ڪري من پسند مارڪون ۽ دل گھريا گريڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب به ٿي وڃن ٿا. نتيجي ۾ اھي ھزارين بي وس ٻار، جيڪي ڏينھن رات محنت ڪن ٿا، ڳريون فيون ڀرين ٿا ۽ ڪجھ بڻجڻ جا خواب اکين ۾ سجائي جڏھن بورڊ امتحانن ۽، بعد ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ ويھن ٿا ۽ جڏھن ھنن جا نمبر گھربل معيار کان گھٽ ٿا اچن ته مايوس ٿي وڃن ٿا. وڏي وزير جو ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي نتيجن کي معياري ۽ غير تڪراري بڻائڻ واري خواھش اکين تي پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسان جي سنڌ حڪومت کي مامرا خراب ٿيڻ بعد ئي خيال ڇو ٿو اچي؟ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ کي سکر آءِ بي اي کان ڪرائڻ جو مطلب ڇا ھي آھي ته ھن تڪراري مامري کي تڪڙو اڪلائي پنھنجو پاند آجو ڪجي؟ يا وري ھي خواھش ته بورڊ پنھنجن نتيجن جي اعلانن کي مھينو کن اڳ ڪن. ھن مان ڇا مراد آھي؟

  ڇا بورڊ سايو ڪري پنھنجن نتيجن کي دير سان آڻين ٿا؟ جيڪڏھن ائين آھي ته ھتي ھڪ ٻيو سوال ٿو پيدا ٿئي ته دير ڇو ٿي ڪئي وڃي؟ جنھن ڏينھن کان علمي ميدانن ۾ جدت آئي آھي، ان ڏينھن کان ھر ڪم کي اُڪلائڻ جي لاءِ ھدف مقرر ڪيا وڃن ٿا. ڇا بورڊ جھڙن وڏن ادارن وٽ ڪا پاليسي ئي ناھي ته مامرن ۽ معاملن کي ڪيئن اڪلائجي ۽ اڳتي وڌجي؟ سوچيو ۽، غور ڪيو وڃي ته اسان وٽ ھٿ وٺي امتحانن ۽ ٽيسٽن جي انعقادن ۽ نتيجن کي پھريان تڪراري ڪيو وڃي ٿو، بعد ۾ ان تي ھاءِ گھوڙا ڪئي وڃي ٿي ۽ آخر ۾ اھي متاثر، جن جو ھٿ وس ھلي ٿو، مامرن کي ڪورٽن ۾ گھلي وڃن ٿا. ائين ھڪ طرف ٻارن جي قيمتي وقتن جو زيان ٿيندو رھي ٿو ته ٻئي پاسي امتحان ۽ ٽيسٽون وٺندڙ ادارن جي ساکَ به متاثر ٿيندي رھي ٿي. اھڙي طرح سان حڪومت پنھنجا معمول وارا ڪم اڌ ۾ ڇڏي ھن قسم جي معاملن کي سُلجھائڻ ۾ لڳي وڃي ٿي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران ڏنل فيصلي جي روشنيءَ ۾ ھن وقت ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ کي سکر آءِ بي اي کان ڏيڍ مھيني اندر ڪرائڻ ۽ ٽيسٽ ۾ ذري گھٽ 38 ھزار ويھندڙ ٻارن جو فِي اُميدوار 6000 رُپيا خرچ عوام پاران ڏنل ٽيڪس مان ادا ڪرڻ مان ھڪ ڳالھ ته چِٽي ٿي وئي آھي ته ھن ملڪ ۾ ھڪ عوام ئي آھي، جنھن تي ملڪ جي ترقيءَ جو بار به رکيو وڃي ٿو ته ملڪ جو قرض لاھڻ جي لاءِ به ھر روز ٻارڻ وارن اسمن جا اگھ وڌائڻ سان گڏ عالمي مالياتي ادارن جي خواھشن آڌارا نوان ۽ نرالا ٽيڪس مڙھڻ جو شڪار ۽ ھدف به جيڪڏھن آھي ته اھو به صرف ھن ملڪ جو عوام ئي آھي. سکر آءِ بي اي پاران بظاھر مفت ۾ ٻيھر ٿيندڙ ھن ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي پويان جيڪا ڪھاڻي آھي، اھا ھِي آھي ته اڳ ۾ جن ادارن پاران ھي ٽيسٽون ڪرايون ويون ھيون ۽ ھنن ٽيسٽن جي آڙ ۾ جن جن ايجنٽس ۽ ٽيوشن سينٽرز جي مالڪن ۽ ٽيوٽرز، ٻارن کان جيڪي ڪروڙين رُپيا ورتا ته ھنن جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا يقيني آھي، انھن جون ڇھ ئي آڱريون گيھ ۾ ٻڏل آھن. ھن وقت ڪورٽ جي ھدايتن جي بدولت ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ ٿيندڙ ڪوتاھين، خامين، خرابين يا ڏوڪڙ پيسي جي ريل پيل ۽ پرچا ليڪ ٿيڻ جي جيڪا انڪوائري ايف آءِ اي پاران ھلندڙ آھي، ان مان ڪھڙو کڙ ۽ ڪھڙو تيل نڪرندو! سا سڀڪو سمجھي ٿو.

  اسان وٽ ھر ادارو پنھنجي پنھنجي آئيني جوڙجڪ، اخلاقي ساک ۽ پنھنجي موجودگيءَ جو قومي ۽ قانوني جواز وڃائي چڪو آھي. ھر ادارو تمام گھڻو تڪراري بڻجي چڪو آھي. ھر اداري جي ڪارڪردگي ايتري ته خراب ٿي چڪي آھي جو اھي ھڪٻئي تي به اعتبار ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھن. الٽو ھڪٻئي کي نيچو ڏيکارڻ جي لاءِ پنھنجون توانائيون ۽ پيسو خرچ ڪري، نه ملڪ جي خدمت ڪري رھيا آھن ۽ نه وري عوام سان ڪا سڄڻائپ ثابت ڪري رھيا آھن. ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي ڪري ٻارن جو ھڪ وڏو تعداد فِين، ڪراين ڀاڙن ۽ ٻين خرچن جي ڪري نه صرف مالي نقصان جو شڪار ٿيو آھي پر انھن جي جذبن ۾ جيڪو دم خم اڳ ۾ ھو، ان ۾ ھن وقت ڪجھ مايوسيون به شامل ٿي ويون آھن. نالي ماتر مفت ۾ ٿيندڙ ھن ٽيسٽ کان اڳ ٿيندڙ ٽيسٽ لاءِ جن ٻارن فيون ڀريون، خواريون سر تي کنيون، گُھربل معيار وارا نمبر به حاصل ڪيا ۽ وڏي ڳالھ ته پنھنجن خوابن جي ساڀيان جي ويجھو به پھچي چڪا ھئا پر ٽيسٽ مامرا تڪراري، خراب ۽ خوار ٿي وڃڻ بعد ٻارن جي محنتن، خوابن ۽ جذبن تي پاڻي ڦيرجي ويو آھي. ڪيترو نه سُٺو ٿئي ھا جيڪڏھن انھيءَ ٽيسٽ کي اڳ ۾ ئي بھتر ماحول ۾ منعقد ڪيو وڃي ھا. ٽيسٽ جا مامرا ڪي اڄڪلھ جا ته ناھن. اھي ته جنھن ڏينھن کان ھن ٽيسٽ جي روايت وڌي وئي آھي، ان ڏينھن کان ھلندا پيا اچن. ٻيا صوبا ھر ميدان ۾ اڳتي نڪري چڪا آھن پر ھڪ واحد صوبو سنڌ آھي، جيڪو ھر ميدان ۾ پُٺتي رھجي ويو آھي. اسان وٽ جيڪڏھن ھر شئي پنھنجي مناسب وقت اندر ۽ بي ايمانيءَ کان پاڪ ٿئي ته ڪو شڪ ناھي ته ھر اھو معاملو جيڪو بعد ۾ مٿي جو سور بڻجي ٿو، جنم ئي نه وٺي. امتحان ته اڳ به ٿيندا ھئا، پر انھن جي لاءِ ائين ٻولي نه لڳائي ويندي ھئي جيئن ھن وقت لڳائي وڃي ٿي. غور ڪيو وڃي ته ھن ٻولي لڳائڻ جو مکيه سبب به ھي ٽيسٽون آھن، جيڪي ڪنھن مھل ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ته ڪنھن وقت اي ڪيٽ ٽيسٽ جي نالي سان يا وري روزگار ڏيڻ جي بھاني ڪرايون وڃن ٿيون. ھي ٽيسٽون تڪراري ٿي وڃڻ بعد ۽ ھر ھر ٿيڻ جي ڪري سوال ته جنم وٺن ٿا ته ٽيسٽن کي بار بار ڪرائڻ سان آخر ڪنھن کي فائدو ۽ ڪنھن کي نقصان ڏنو وڃي ٿو؟

اي پيپر