ٻيڙين تي اربين رپيا کڻي ويندڙن کان حساب وٺندس، مفاد پرست ڊيم جي مخالفت پيا ڪن: چيف جسٽس

لنڊن (م ڊ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڦريل اربين رپيا واپس ورتا ويندا ته ڊيم لاءِ چندي جي ضرورت نه پوندي.مانچسٽر ۾ لائيو  ٽيلي ٿون کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته  مون کي ڪجهه وڏن مان اميد هئي پر ڊيم فنڊ ۾ حصو نه وڌو ويو،اربين رپيا ڦري پرڏيهه ۾ ملڪيت ٺاهيندڙن کان حساب وٺنداسين جنهن بعد ڊيم فنڊ لاءِ وڌيڪ چندي جي ضرورت نه پوندي. هن چيو ته افسوس آهي ته جن ماڻهن اربين رپين جي ڦرلٽ ڪئي تن رقم نه ڏني، مان حساب وٺندس ته ڪنهن ڪيتري ملڪيت ٺاهي آهي،  3 ارب رپين جي ملڪيت دبئي ۾ ڪيئن ٺاهي وئي، لانچ ۾ رقم ٻاهر موڪليندڙن کي حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته هيءَ سموري رقم پاڪستاني قوم ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي امانت آهي، اها رقم ڊيم فنڊ ۾ ڏيڻي پوندي نه ڏني ته ڪارروائي ذريعي حساب ڏيڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته اها سموري رقم پاڪستاني قوم ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي امانت آهي، اها رقم ڊيم فنڊ ۾ ڏيڻي پوندي، نه ڏني وئي ته ڪارروائي ذريعي حساب وٺڻو پوندو. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته اهڙن ماڻهن کان ڦريل اربين رپيا واپس وٺنداسين ته ڊيم فنڊ لاءِ وڌيڪ چندي جي ضرورت نه پوندي. لائيو ٽيلي ٿون دوران چيف جسٽس چيو ته هن پاڪستانين جي حب الوطني جي جذبي کي ڏسندي ڊيمن جي اڏاوت لاءِ چندي جي اپيل جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته مون کي خوف هو ته چيف جسٽس کي فنڊ ريزنگ تي نه وڃڻ گهرجي پر هاڻي احساس ٿيو آهي ته اهو خوف غلط هو. سندس چوڻ هو ته بدقسمتي سان اسان پاڻي جو قدر نه ڪيو، دنيا ۾ پاڪستان پاڻي جي سڀ کان وڌيڪ کوٽ جو شڪار آهي، خدا نه ڪري اسان جي ملڪ ۾ صوماليا جهڙي صورتحال پيدا ٿي. چيف جسٽس چيو ته ڪجهه مفاد پرست جيڪي ڊيم جي مخالفت ڪري رهيا آهن اهي ڊيم ٺاهڻ کان روڪي نه ٿا سگهن. هن چيو ته سنڌو درياءَ جو پاڻي امانت آهي جنهن ۾ ڪير به خيانت نه ٿو ڪري سگهي. چئن ڪلاڪن جي ٽيلي ٿون ۾ مجموعي طور تي 20 لک 98 هزار پائونڊ کان وڌيڪ امداد جو اعلان ڪيو ويو، جيڪا رقم 36 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ ٺهي ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *