ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته آپريشن کانپوءِ ٻيهر حددخليون ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪنداسين ۽ مٿن ڪيس پڻ داخل ڪيا ويندا. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته آپريشن واري معاملي تي ڪوبه سمجهوتو ناهي، اسان تمام گهڻو سنجيده آهيون، ڇاڪاڻ ته عدالتي حڪم آهي، حددخلين جو مضبوط اسٽرڪچر ختم ڪري ڇڏيو آهي، ريڙهن وارا عارضي طور جمع ٿيندا آهن، اها ٽريفڪ پوليس جي ذميواري آهي ته روڊن کي ڪليئر ڪرائي. وسيم اختر چيو ته آپريشن کانپوءِ ٻيهر ڪنهن حددخليون ڪيون ته سندس خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو.سندس چوڻ هوته سمورا ڪم هڪ ئي وقت نٿا ڪري سگهون، ايندڙ وقت ۾ ٽريفڪ کاتو انهن شين کي منهن ڏيندو، جيڪڏهن ريڙهن تي ڪجهه وڪرڻو آهي ته هڪ جاءِ هنڌ گڏ نه ٿيو ان سان ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ميئر ڪراچي چيو ته ملبي کي هٽائڻ ۾ وقت لڳي رهيو آهي، ڪي ايم سي وٽ ايترا فنڊ ناهن، اسان ڪجهه ملبو کنيو آهي، سنڌ جي وڏي وزير کي فنڊ ۽ مشينري لاءِ درخواست ڏني آهي. ان موقعي تي وسيم اختر 12 مئي سانحي ۽ 9 اپريل لاڳاپيل پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان جي بيان تي جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو. سندس چوڻ هو ته اسان سنجيدا ڪم ڪري رهيا آهيون، خرم شير زمان مونٽيسوري ۾ آهي هاڻ وڏو ٿيندو ته سکي ويندو، هي اهي ماڻهو آهن جن وٽ ڪو به ڪم ناهي، جن کي پنهنجي سياست چمڪائڻي آهي. ان موقعي تي ميئر ڪراچي فاروق ستار جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته جيڪي بيڪار ماڻهو هئا اسان کين پارٽي مان فارغ ڪري ڇڏيو آهي، ٻيون پارٽيون به اهڙن ماڻهن کي ڏسن. وسيم اختر جو چوڻ هوته مان نٿو سمجهان ته آپريشن سان ايم ڪيو ايم جي ووٽ بئنڪ تي فرق پوندو، آپريشن ۾ جن دڪاندارن کي نقصان پهتو آهي انهن کي متبادل جاءِ ڏئي رهيا آهيون، ڪراچي وارن سان گڏ آهيون ڪنهنجو به نقصان ٿيڻ نه ڏينداسين.