ٻولي اٿارٽي ۾ اضافي ڀرتين جي جاچ جو حڪم: سمورا ملازم غير قانوني ڀرتي ٿيل آهن: سردار شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌي جي ثقافت واري وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته ٻولي اٿارٽي ۾ هن وقت تائين مقرر ٿيل سمورا ملازم غيرقانوني طور آهن، 1991ع ۾ قائم ٿيل اٿارٽي 1991 ۾ ۾ ڀرتين توڙي ترقين جو ڪو نظام ئي نه هو،ِ جنهن کي جيڪو وڻيو، هن اهي ڀرتيون پي ڪيون، مون پنهنجي دور ۾ اٿارٽي ۾ هڪڙو به ملازم ناهي رکرايو، ثقافت واري وزير جي حيثيت سان آئون ٻولي اٿارٽي جو رڳو سهڪاري آهيان، سندن مدد ڪري سگهان ٿو، مون ان وقت اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ۽ بي او جي ميمبرن سان ڳالهايو ، مون ڪوشش ڪئي ته بي او جي ۾ اديبن ۽ دانشورن کي آڻيون پر اهي 12 اديب ٻولي جو ادارو نه هلائي سگهيا ته ڇا ڪجي؟ هڪ پروگرام  ۾ ڳالهائيندي ۾ هن چيو ته سنڌي ٻولي اٿارٽي ۾ انتظامي بحران قائم ٿيڻ کان وٺي رهيو آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان قاعدا ۽ ضابطا جوڙيا آهن، جيڪي ڪابينا مان منظور ٿي چڪا آهن، جلد اٿارٽي جو چيئرمين مقرر ٿيندو، سرچ ڪاميٽي جي سفارش تي وڏو وزير انهي جي منظوري ڏيندو، جنهن بعد بي او جي جا ميمبر مقرر ڪيا ويندا، هن چيو ته اٿارٽي جي بجيٽ 7 ڪروڙ آهي، جنهن مان ساڍا 5 ڪروڙ پگهارن ۾ وڃن ٿا، باقي ڏيڍ ڪروڙ مان ٻولي تي ڪهڙو ڪم ٿيندو؟ هن چيو ته ٻولي اٿارٽي موئن جي دڙي واري لکت ڊي ڪوڊ ناهي ڪري سگهي، ايستائين جو انهي مامري تي ڪم سيمينار ناهي ڪرائي سگهي. هن چيو ته ٻولي اٿارٽي ۾ ملازمن جي اضافي ڀرتين واري معاملي جي جاچ لاءِ چيف سيڪريٽري پاران آبپاشي کاتي جي موجوده سيڪريٽري رفيق ٻرڙو کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، اهو پنهنجي رپورٽ جلدڏيندو،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *