اسلام آباد (م ڊ) .ارسا جو اجلاس ارسا جي چيئرمين شير زمان خان جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ خريف جي مند ۾ صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ، کوٽ ۽ پاڻي جي نقصانن بابت اندازن جي منظوري ڏني وئي اجلاس ۾ صوبائي آبپاشي، زراعت کاتن جي نمائندن سان گڏ واپڊا، موسميات ۽ فلڊ ڪميشن جي عملدارن شرڪت ڪئي ، اجلاس ۾ ربيع دوران پاڻي جي ورڇ بابت سمورا انگ اکر پيش ڪيا ويا، جڏهن ته پهرين اپريل کان شروع ٿيندڙ خريف جي مند ۾ پاڻي جي صورتحال، وهڪرن، ڊيمن جي صورتحال ۽ صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ جي حوالي سان منظوري ڏني وئي آهي اجلاس بابت بريفنگ ڏيندي ارسا جي ڊائريڪٽرآپريشن ۽ ترجمان خالد ادريس رانا چيو آهي ته هلندڙ ربيع جي مند ۾ صوبن کي مجموعي طور 33 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي مليو آهي، انهي ۾ پنجاب کي 35 سيڪڙو، سنڌ کي 34 سيڪڙو، ڪي پي کي 27 ۽ بلوچستان کي 7 سيڪڙو کوٽ ملي، ايندڙ خريف ۾ 95.12 ملين ايڪڙفٽ پاڻي هوندو هن چيو ته گذريل سال خريف جي مند ۾ 107 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي هو، گذريل ڏهن سالن تائين خريف ۾ ايترو ئي پاڻي رهيو آهي،ارسا ترجمان موجب آڳاٽي خريف ۾ سنڌو درياهه ۾ لاسز 40 سيڪڙُو رهڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو پنجاب جي اعتراضن بعد لاسز 35 سيڪڙو ڏيکاريا ويا آهن، جڏهن ته خريف جي آخر ۾ اهو نقصان ويهه سيڪڙُو تي پهچندو، اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته اپريل جي آخر ۾ ٻيهر لاسز جو جائزو ورتو ويندو،پنجاب انهي لاسز تي اعتراض ڪندي چيو ته ايترا لاسز ناهن،اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته شروعاتي خريف ۾ سنڌ ۽ پنجاب کي 31 سيڪڙو کوٽ جي حساب سان پاڻي ڏنو ويندو، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان کي ڪا کوٽ نه ملندي ڪي پي ڪي کي سندس پورو حصو 0.82 ملين ايڪڙ فٽ ۽ بلوچستان کي 2.99 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ملندو،پنجاب کي خريف ۾ 35.24 ملين ايڪڙ فٽ جڏهن ته سنڌ کي 27.96 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڏنو ويندو ارسا دعوا ڪئي آهي ته خريف جي آخر ۾ پاڻي جي کوٽ گھٽجي ڏهه سيڪڙو تي پهچندي، ارسا اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته ڪوٽڙي کان هيٺ خريف جي مند جي لاءِ ساڍا ڇهه ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڇڏيو ويندو، خريف جي مند ۾ منگلا نه ڀرجي سگهندو، انهي جي لاءِ 1242 فوٽ پاڻي گھربل آهي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاڻي ارسا جي طئي ڪيل ٽه رخي فارمولا تحت ورهايو ويندو، سنڌ انهي تي احتجاج ڪندي چيو ته پاڻي پيرا ٽو تحت ورهايو وڃي،جنهن تي ارسا ۽ پنجاب جي نمائندن سنڌ جي نمائندن کي صلاح ڏني ته ٽئي صوبا ٽه رخي فارمولا تي متفق آهن اوهان کي جيڪڏهن انهي فارمولي تي اعتراض آهي ته ڀلي گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ هليا وڃو،اجلاس ۾ موسميات کاتي چيو آهي ته جابلو علائقن ۾ هن سال پنجاهه سيڪڙو گھٽ برف پئي آهي انهي ڪري موسم تبديل ٿيڻ باوجود برف رجڻ جو رجحان گھٽ هوندو، ارسا اجلاس ۾ هنگامي طور تي ڪن به ٻن وڏن ڊيمن جي تعمير جي سفارش ڪئي آهي،ترجمان موجب واپڊا طرفان تربيلا ۽ منگلا ڊيمن جي ڀرڻ جي حوالي سان پيش ڪيل رپورٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.