ٻن ڪلاڪن اندر گئس ۽ پئٽرول جون قيمتون گهٽائي سگهان ٿو: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: (بيورو)  مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي دعويٰ ڪئي آهي ته ٻن ڪلاڪن ۾ پيٽرول، گيس جي قيمتن کي گهٽائي سگهان ٿو.  هڪ انٽرويو ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پئٽروليم ۽ گئس جي شين جي اگهن ۾ اضافو حڪومت ڄاڻي واڻي ڪيو آهي. صحافي طرفان کانئس سوال ڪيو ويو ته ايترو جلدي ڪيئن ممڪن آهي.؟ ان جي جواب ۾ شاهد خاقان عباسي  چيو ته ائين بلڪل ٿي سگهي ٿو. ڇو ته  ڪرپشن اگر نه ڪئي وڃي ۽ ڪوڙ نه ڳالهايو وڃي ته اهو ڪم آساني سان ٿي سگهي ٿو. مون پنهنجي دور حڪومت ۾ اهو سڀ ڪجهه عوام کي ڪري ڏيکاريو آهي. هن چيو ته ن ليگ پنهنجي دور ۾ گئس ۽ پئٽرول جا اگهه نه وڌڻ جي برابر هئا، ڪنهن به بجيٽ ۾ خسارو گهٽ ڪرڻ لاءِ بجيٽ ۾ هڪ رپيو به نه وڌو ويو آهي.صحافي طرفان شاهد خاقان عباسي کان سوال ڪيو ويو ته اوهان طرفان قيمتون گهٽ ڪرڻ سان ته ٿي وينديون پر ان سان ملڪي خزاني تي وزن  وڌي ويندو. جنهن جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته اگهه گهٽ ٿيڻ سان ناڻي تي بار نه وڌندو، ناڻي مان ڪجهه نه وٺندس ائين ئي مئنيجمينٽ جي سطح تي اگهه گهٽ ٿي ويندا. شاهد خاقان عباسي چيو ته اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪرڻ سان ڪو به فرق نه پوندو، اهڙين ڳالهين جو هاڻ آئون عادي ٿي ويو آهيان مون تي ڪوبه فرق نٿو پوي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *