خيرپور( رپورٽ: شاهد نواز سيال ) ٻن عورتن سميت معصوم ٻار کي ڪهي قتل وارو واقعو نئون رخ اختيار ڪر ويو، وارث عورتن ۽ پاڙيوارن گهر ڀاتين جي ملوث جو جو انڪشاف ڪري ڇڏيو، قاتل گهر جو ماڻهون آهي، جنهن قتل ڪرڻ وقت ناليون بند ڪيون ته جيئن خون ٻاهر نه وڃي، وارثن جون ميڊيا آڏو دانهون، چار ڏينهن اڳ خيرپور علي مراد محلي پنجهٽي ۾ ٻن عورت ثريا بانو زال خادم ڪٽوهر، شهناز زال سجاد لاڙڪ ۽ معصوم نيگر عبدالباسط لاڙڪ جي قتل جو ڪيس چئن ڏينهن بعد سجاد لاڙڪ جي فرياد تي شاه لطيف ٿاڻي تي قلم 302 تحت 4نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته واقعي واري رات گهر کان ٻاهر شهر طرف ڪم سانگي ويل هيس واپس گهر آيس ته گهر جو دروازو کليل هيو ۽ اندر گهر ۾ ويس ته منهنجي سس ثريا بانو،معصوم پٽ باسط جو لاش گهر جي دروازي ڀرسان پيل هئا ۽ زال شهنازجو لاش گهر جي ڇت تي پيل هو، جونامعلوم جوابدارن چاڪو،ڇرين ۽ ڪاتن جا وار ڪري ٽنهي کي ڪهي بيدردي سان قتل ڪري فرا ر ٿي ويا هئا،جڏهن ته حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته ايتري وڏي واقعي جي ايف آءِ آر چار ڏينهن گذرڻ بعد نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪئي ويئي ۽ چار ڏينهن گذرڻ جي باوجود پوليس هن وقت تائين ڪک کڻي ٻيڻو به نه ڪيو آهي ۽ واقعي ۾ ملوث ڪنهن به جوابدار کي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، اهڙي پوليس جي رويئي تي شهري، سياسي سماجي اڳواڻ محلي وارا مختلف سوال ڪري رهيا آهن ته ڇا ڪو گهر ڀاتي هن واقعي ۾ ته ملوث ناهي؟ ٻئي طرف شاه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او بچل قاضي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اڄ ايف آءِ آر داخل ٿي اسان واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪنداسين ملوث جوابدارن گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني ويندي،