اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کان پوءِ سموري قوم گڏجي دهشتگردي کي شڪست ڏني آهي.پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪارديالوجي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته هتي افغانستان مان به مريض ايندا. محدود وسيلن جي باوجود پي آءِ سي پشاور جي تڪميل تعريف جوڳو قدم آهي. هن وڌيڪ چيو ته پشاور ۾ اڃان تائين دل جي بيمارين کان بچاءُ واري ڪابه اسپتال ناهي. ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ دل جي وارڊ جا نتيجا سٺا ناهن رهيا.پشاور ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي جي تمام گهڻي ضرورت هئي. اسپتالن جي تعمير ۾ دير سبب لاڳت وڌي ويندي آهي. اسان ڪورونا جي وبا دوران فنڊز ڳوليا ۽ اسپتال مڪمل ڪيو ويو. عمران خان چيو ته جيترو به ٽيڪس گڏ ٿيندو آهي ان جو اڌ قرضن ۾ هليو ويندو آهي. عوام جي صحت جو خيال رکڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان 6 سال اڳ پيش ايندڙ ڏکوئيندڙ سانحي اي پي ايس تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحي تي اڄ به دل ڏک ۾ ورتل آهي.هن وڌيڪ چيو ته اي پي ايس سانحي سموري قوم کي گڏ ڪيو. دهشتگردي جي خلاف سموري قوم گڏ ٿي ۽ ان کي شڪست ڏني. ياد رهي ته 6 سال اڳ علم دشمنن معصوم ٻارن کي دهشتگردي جو نشانو بنايو هو ۽ 16 ڊسمبر 2014 تي پناهگيرن جي روپ ۾ پاڪستان داخل ٿيندڙ سفاڪ دهشتگردن مقامي ماڻهن جي مدد سان آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪيو هو ۽ علم حاصل ڪرڻ ۾ مصروف ٻارن مٿان فائرنگ ڪئي هئي. واقعي جي اطلاع ملندي ئي سيڪيورٽي فورسز اسڪول جو گهيراءُ ڪيو.پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي 6 خودڪش حملي آورن کي ڊگهي آپريشن کان پوءِ ماريو ويو هو. 6 ڪلاڪ کان وڌيڪ جي آپريشن کان پوءِ اسڪول کي ڪليئر ڪيو ويو. ياد رهي ته اي پي ايس سانحي ۾ ٻارن سميت 150 ماڻهو شهيد ٿيا هئا.وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سينيٽ چونڊون وقت کان اڳ ڪرائينداسين، شو آف هينڊز ذريعي سينٽ چونڊون ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري رهيا آهيون. عمران خان چيو ته حڪومت لاءِ سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ ڪرڻ سولو هوندو آهي، اسان شفاف چونڊن تي يقين رکون ٿا، ڳالهين جِي آڇ تي اپوزيشن 34 صفحن تي ٻڌل اين آر او گهرِي ورتو، ڪنهن صورت ۾ اين آر او نه ڏيندس. عمران خان چيو ته حڪومت کي اپوزيشن مان ڪو خطرو ناهي ۽ نه ئي ڪو دٻاءُ آهي، چاهيان ته اپوزيشن کان وڏو جلسو ڪري سگهان ٿو، آئون لاهور جلسي دوران ڇا ڪري رهيو هئس، سڀني ڏسي ڇڏيو.