ٻارڙن جي حوالگي ڪيس: ڊي آءِ جي سفارش ڪرڻ تي چيف جسٽس ناٺيءَ معافي وٺي ڇڏي

اهور ( م ڊ ) چيف جسٽس ثاقب نثار ڊي آءِ جي غلام محمد ڊوگر جي ٻارڙن جي حوالگي ڪيس بابت ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي سفارش ڪرڻ تي پنهنجي ناٺيءَ کي طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ ڊي آءِ جي غلام محمود ڊوگر جي ٻارڙن جي حوالگي ڪيس بابت ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ڊي آءِ جي سفارش ڪرڻ تي ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي نياڻي کي فوري طور طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان ڪيئن سوچي ورتو ته چيف جسٽس کي ڪو سفارش ڪندو، مان جهاد ڪري رهيو آهيان ۽ توهان مون کي سفارشون ڪرائي رهيا آهيو، توهان کي ڪنهن مشورو ڏنو ته منهنجي خاندان جي ميمبر کان سفارش ڪرائي سگهو ٿا؟ ڊي آءِ جي معافي گهرندي چيو ته عدالت کان غير مشروط معافي وٺان ٿو، چيف جسٽس چيو ته معافي نه اهي ذريعا ٻڌايو جنهن توهان کي سفارش ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. چيف جسٽس ڊي آءِ جي جي سفارش ڪرڻ تي پنهنجي نياڻي کي فوري طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جو نياڻو خالد رحمان پيش ٿيو ته ساڻس ڳالهائيندي چيو ته ٻڌايو توهان کي ڪنهن سفارش جو چيو، توهان گهر ۾ منهنجا پٽ هوندا پر هتي چيف جسٽس سامهون آهيو. خالد رحمان چيو ته مون کي ڊي آءِ جي خالد محمود ڊوگر سفارش ڪئي هئي جنهن تي مان معافي وٺان ٿو. هن چيو ته گهر واريءَ جو نالو اي سي ايل ۾ ئي رهڻ گهرجي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سندس چيمبر ۾ ٿيندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *