ٻارن تي تشدد جي خاتمي وارو بِل 2013ع کان پارليامينٽ ۾ رولڙي جو شڪار: انساني حقن واري وزارت عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) انساني حقن واري وفاقي وزارت تعليمي ادارن ۾ ٻارن تي تشدد جي مخالفت ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته 2013ع ۾ پيش ڪيل بل هيل تائين پارليامينٽ ۾ منظور نه ٿيو آهي. انساني حقن واري وفاقي وزارت طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ م تعليمي ادارن ۾ ٻارن تي تشدد خلاف ڪيس جي حوالي سان لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته انساني حقن واري وزارت تعليمي ادارن ۾ ٻارن تي تشدد جي حمايت نٿي ڪري ۽ اُن جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي. سال 2013ع ۾ ٻارن تي تشدد روڪڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ بِل پيش ڪيو ويو، پر اڃا تائين ٻنهي ايوانن مان منظور نه ٿي سگهيو آهي. جواب ۾ چيو ويو آهي ته انساني حقن واري وزارت ٻارن تي تشدد جي ازالي لاءِ بِل تيار ڪيو آهي. اهو بِل تعليمي ادارن سوڌو هر جاءِ تي ٻارن مٿان تشدد کي روڪي ٿو. ڪابينا ڪميٽي ۽ وفاقي ڪابينا مارچ 2019ع ۾ اُنهي بِل جي منظوري ڏئي چڪيون آهن. عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ انساني حقن واري وفاقي وزارت جو چوڻ آهي ته قانون واري وزارت کي بِل جي حوالي سان آگاهه ڪيو آهي ته ٻارن تي تشدد روڪڻ وارو بِل انساني حقن واري وزارت نه، گهرو کاتي جي اختياري دائري ۾ اچي ٿو، وري جڏهن بِل گهرو کاتي ۾ ڏانهن موڪليو ته اُتان اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڏانهن اُماڻيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *