اٽلي(م ڊ) يورپ جو سڀ کان قديم وڻ پولينو نيشنل پارڪ ۾ آهي، جنهن جي عمر اٽڪل 1230 سال آهي ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي جو هي وڻ سڪڻ بدران اڃا ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي.
هي وڻ هيلڊرخ پائن جو هڪ قسم آهي، جنهن کي اٽالس جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ هن وڻ تائين پهچڻ تمام ڏکيو آهي، جبلن تي موجود هي وڻ تمام ڊگهو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن پڻ وڌندو پيو وڃي.
اٽالس سيءُ، گرمي ۽ خشڪي سميت هر قسم جي موسم جو مقابلو ڪيو آهي ۽ تازو ئي سائنسدانن هن جي هيٺئين حصي تي تحقيق پڻ ڪئي آهي، جنهن مطابق هن وڻ تي تحقيق ڪرڻ سان ماهرن کي خبر پوندي ته اهڙا وڻ ڪهڙي ريت موسمياتي تبديلين ۾ وڌن ويجهن ٿا ۽ ڪهڙا اثر برداشت ڪن ٿا.