ٺٽي شهر ۾ باهه، فائر برگيڊ نه پهچڻ سبب 10 گهر سڙي خاڪ

ٺٽو (رپورثر) ٺٽي جي ڪرسچن ڪالوني ڀرسان لوهارڪي ڪم ڪندڙ ڪاريا برادري جي گھرن کي باھ وڪوڙي ورتو ، فائر برگئيڊ جي گاڏي نه هجڻ ڪري اک ڇنڀ ۾ 10 پورهيتن جي گھرن ۽ انهن ۾ پيل الھه تلھه سڙي رک ٿي ويو، باهه لڳڻ ڪري پورهيت کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، ان موقعي تي   پورهيت تيرٿ ڪاريو، تارا، جگديش، مولو، پرشوتم، لالو، ڪشور، اتمو ڪاريو ۽ مختيار منڇري ٻين چيو ته باھ لڳڻ ڪري 10 گھر ۽ انهن ۾ رکيل سمورو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو باھ ٺٽي ۾ فائر برگئيڊ جي نه هجڻ ڪري سندن ڪچا گھر اک ڇنڀ ۾ باھ جي نظر ٿي ويا آهن ۽ گھرن ۾ رهندڙن رڳو جانيون بچايون آهن باھ متاثرن  جو چوڻ هو ته سندن هن مهل تائين ڪنهن به سار ناهي لڌي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *