ٺيڙهي ڀرسان جھونو صحافي ۽ وڪيل اڳواڻ حاڪم علي ڪلهوڙو قتل، سندس نوجوان پٽ سخت زخمي

خيرپور(رپورٽ  : شاهدنواز سيال تصويرون : فرحان ميتلو) ٺيڙهي ڀرسان جھونو صحافي ۽ وڪيل اڳواڻ حاڪم علي ڪلهوڙو قتل، سندس نوجوان پٽ سخت زخمي، پوليس جي روايتي سستي، وارثن جو احتجاج، حاڪم علي کي وڏي منصوبه بندي سان قتل ڪيو ويو، آهي: وارث تفصيل موجب خيرپوري جي جھوني صحافي ۽ وڪيل اڳواڻ حاڪم علي ڪلهوڙو کي آچر ڏينهن صبح جو ٺيڙهي ڀرسان سندس ڳوٺ پنجل ڪلهوڙو ۾  ڪلهوڙا برادري جي ڏنڊا بردار ٽولي قتل ڪري سندس نوجوان پٽ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو،  ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڌرين ۾ صبح جو منهن ماري ٿي هئي، جنهن کان پوءِ مقامي پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو جنهن کان پوءِ جوابدارن هٿيارن ۽ ڏنڊن سان ليس ٿي مقتول وڪيل حاڪم ڪلهوڙي مٿان حملو ڪري ڏنو، حملي دوران جوبدارن  ڪيتري دير تائين وڪيل اڳواڻ کي سر عام ڪٽيندا ۽ گهليندا رهيا جوابدارن فائرنگ ڪري ڳوٺ ۾ خوف ۽ حراس پکيڙيو، حملي  دواران  مقتول وڪيل جو پٽ فيض محمد ڪلهوڙو به سخت زخمي ٿي پيو جوابدار ٻنهي پيءَ پٽ کي مئل سمجھي ڦٽي ڪريا ويا، اطلاع ملڻ تي شاهه حسين پوليس وڪيل جو لاش ۽ زخمي فيض محمد ڪلهوڙو کي سول اسپتال پهچايو جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ زخمي نوجوان جو علاج جاري هو، هوڏانهن مقتول وڪيل جي وارثن شهمير ڪلهوڙ، حسين بخش، ڪوڙو، فهيم الله ڪلهوڙو صدام حسين ڪلهوڙو، مشتاق علي عبدالرئوف ڪلهوڙو، اسد الله ڪلهوڙوآدم خان صاحب خان ڪلهوڙو ۽ ٻين سول اسپتال خيرپور ۾ احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته  جوبدارن وڏيرو نجيب الله، ڪلهوڙو، عبدالغني، امتياز علي ارشاد علي ڪلهوڙو، اعجاز علي ڪلهوڙو، سجاد علي ڪلهوڙو، سهيل احمد ڪلهوڙو،فهيم الله بخشل ڪلهوڙو، وارن  وڏي منصوبه بندي ۽ وڏي بي دردي سان حاڪم علي کي قتل ڪيو ۽ سندس پٽ کي به مئل سمجھي ڦٽي ڪري ويا،  هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سر عام ڦاهي چاڙهيو وڃي، هنن چيو ته پوليس روايتي سستي جو مظاهرو ڪري رهي آهي،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *