ٺل ۾ آپڪا پاپوليشن کاتي جي ملازمن جو احتجاج
January 30, 2017 at 12:06 amخير محمد گولو
هڪ طرف سنڌ سرڪار سرڪاري ملازمن کي ترقيون ڏيڻ سان گڏ پگھارون وڌائڻ جي ڳاله ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف سنڌ ۾ آپڪا پاپوليشن جي ملازمن سان زيادتيوڪيون پيون وڃن اهڙن خيالن جو اظهار ڪاله ٺل شهر ۾ آپڪا پاپوليشن سنڌ جي مرڪزي اڳواڻن سينيئر نائب صدر محمد لقمان ٻگھيو، سنڌ جو صدر محمد پيرل دايو، نائب صدر سنڌ عبد المعيد سرهيو، مرڪزي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري سيد علي نواز شاه، صوبائي فنانس سيڪريٽري جنرل محموده گولو، شاهين قدوس مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري، محمد عثمان ڀٽي، نصرت حسين سومرو۽ ٻين عهديدارن هڪ احتجاج دوران صحافين سان ڪيو.
هنن چيو ته سنڌ سرڪار پاران سنڌ جي سمورن سرڪاري ملازمن جي سار لڌي ويندي آهي پر پاپوليشن ڊپارٽمينٽ کي نڌڻڪو ڪري ڇڏي ڏنو ويو آهي جنهن جي ڪري اڄ سنڌ ۾ پاپوليشن ڊپارٽمينٽ جا ملازم ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويا آهن.
اڳواڻن خطاب دوران چيو ته اسان جي کاتي جي ملازمن کي ڪنهن به قسم جو ٽائيم اسڪيل نه ڏنو ويو آهي ۽ نه وري ڪنهن به قسم جو ڪو پروموشن ڏنو ويو آهي جنهن جي ڪري پاپوليشن کاتي جا سمورا ملازم مايوسي جو شڪار ٿي چڪا آهن. هن کاتي ۾ ميکل۽ في ميل اسسٽنٽ جو پروموشن نه ٿو ڪيو وڃي جڏهن ته موبلائيزز 12 سالن کان ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهن پر هن مهل تائين انهن کي به پڪو نه ڪيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاپوليشن ڊپارٽمينٽ جي ملازمن ۾ مايوسي ڇائنجي ويئي آهي.
سنڌ ۾ آپڪا پاپوليشن ڊپارٽمينٽ جي ملازمن احتجاج ڪندي پريس ڪلب ٺل تي ياداشت نامون پڻ پيش ڪيو جنهن ۾ هنن سنڌ سرڪار کي پاپوليشن ڊپارٽمينٽ جي ملازمن کي پيش ايندڙ ڏکيائين جو پڻ ذڪر ڪيو، اڳواڻن چيو ته اسان جي هن ڊپارٽمينٽ ۾ فوتي ڪوٽا تي ڪنهن به ملازم جي اولاد کي ڀرتي نه پيو ڪيو وڃي جنهن جي ڪري فوت ٿيندڙ ملازم جا ٻار توڙي گھر ڀاتين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيندا رهن ٿا، ان کان علاوه جيڪي ملازم ريورٽ ڪيا ويا هئا انهن کي به هن مهل تائين بحال نه ڪيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هو نهايت ئي قسم پرستي واري حالت ۾ گذاري رهيا آهن.
سو سائين اهو هو سرڪاري ملازمن جو احتجاج جيڪي پنهنجا سمورا ڪم ڪار ڇڏي سنڌ سرڪار جي حڪم تي سندس پيروي ڪندا رهن ٿا پر هنن پاپوليشن ڊپارٽمينٽ جي ملازمن سان سرڪار جو رويو ماٽيجي ماءٌ وارو رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هن ڊپارٽمينٽ جا ملازم پنهنجن ئي حقن لاءِ تمام گھٽ احتجاج ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته هو سمجھن ٿا ته هنن جي دانهن فرياد ٻڌي ناهين ويندي سو ان ڪري هنن جي رڙين مان ڪنهن به قسم جو فائدو ٿيڻ وارو ڪونه آهي جنهن جي ڪري جيڪو مليو سو ٺيڪ آهي واري فارمولي تي عمل ڪندي هو ويچارا خاموش رهندا آيا آهن پر هن مهانگائي جي دور ۾ جتي پيٽ پالڻ به تمام وڏي ڳاله سمجھي ويندي آهي ۽ جنهن ملازم جو گذارو فقط انهيءُ پگھار تي هجي ۽ اها پگھار به سندن وقت تي نه ملي ته پوءِ انهن ملازمن جي حالت ڪهڙي هوندي، اها هڪ سوچڻ جي ڳاله آهي، جتي ملازمن جي پگھار جيڪا نالي ماتر هجي ۽ پوءِ اها به رڙيون ڪرڻ کان پوءِ ڏني وڃي ته منهنجي خيال ۾ اهڙي قسم جي بدعنواني کي خيانت جو ئي نالو ڏيئي سگھجي ٿو، سو اسين ان باري ۾ سنڌ سرڪار کي گذارش ڪنداسين ته هو پاپوليشن ڊپارٽمينٽ جي ملازمن کي نڌڻڪو نه ڇڏين ۽ هنن جا جائز مطالبا مڃي هنن ۾ ڦهليل بيچيني کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن هو نوڪري ڪندي فرض کي تمام سٺي نموني سرانجام ڏيئي سگھن.