ٺاروشاهه(رپورٽر) ٺاروشاهه ۽ آس پاس ۾ ڪڻڪ جو فصل لهي ويو، ڪڻڪ خريداري سينٽر نه کليا، واپارين جا جاوا، گهٽ اگهن تي ڪڻڪ خريدڻ لڳا، ننڍن آبادگار جا مٿي تي هٿ، آبادگارن جو خريداري سينٽر نه کلڻ تي چيف جسٽس کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو، خبر موجب ٺاروشاهه سميت آس پاس الهرکيو راڄپر، مڃٺ، ڀورٽي، الھ ڏتو راڄپر، درٻيلو، دليپوٽا، سونهري، سميت ٻين ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ ڪڻڪ جو فصل لهي ويو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي خريداري جا سينٽر وقت سر نه کلڻ سبب واپاري وقت جو فائدو وٺندي ننڍن آبادگار کان گهٽ اگهن1050 کان 1100 روپيا في مڻ جي حصاب سان ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته آبادگارن محمد علي راڄپر، شاهنواز اڄڻ، محمد علي ڏهراج، الهرکيو راڄپر، شبير ڀرٽ، شير سيال، وسيم ڀان، ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب ڪڻڪ جو فصل لهڻ باوجود اڃان تائين ڪڻڪ خريداري جا سينٽير نه کلي سگهيا آهن، هنن چيو ته ڪڻڪ جا خريداري سينٽر نه کلڻ سبب واپاري وقت جو فائدو وٺندي سرڪاري مقرر ڪيل 1300روپيا في مڻ جي خريداري ڪرڻ بجاٰءِ 1050 کان 1100 روپيا في مڻ جي حصاب سان خريداري ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته هڪ پاڻي جي کوٽ مٿان ڪڻڪ تي لشڪري جو حملو، ۽ هاڻي وري اگهه نه ملڻ سبب اسان ننڍن آبادگارن کي نقصان پئجي رهيو آهي، هنن چيو ته وڏا آبادگار ڪڻڪ کي ذخيرو ڪري خريداري سينٽر کولڻ بعد سرڪاري اگهه تي ڪڻڪ وڪرو ڪري فائدو حاصل ڪن ٿا هنن چيف جسٽس سنڌ کان مطالبو ڪندي چيو ته ڪڻڪ خريداري جا سينٽر نه کلڻ جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ڪڻڪ خريداري سينٽر نه کوليندڙن خلاف ڪاروائي ڪري آبادگارن کي نقصان کان بچايو وڃي.