يوٽيليٽي اسٽور ڪراچي ۽ سکر زون ۾ جاچ پڙتال ڪجھه ڏينهن مڪمل ڪرڻ جو فيصلو

September 25, 2017 at 10:52 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (اين اين آءِ) يوٽيلٽي اسٽورن  ڪارپوريشن جي هزارين ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجس ملازمن کي مستقل ڪرڻ لاءِ جاچ پڙتال جو عمل آڪٽوبر جي پهرين هفتي تائين مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪارپوريشن جا ساڍن ٽن هزارن کان وڌيڪ ڊيلي ويجس ملازمن جي جاچ  پڙتال جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جاچ پڙتال جو عمل 11 جولائي کان شروع ٿي ويو هيو جيڪو پهرين سپٽمبر تي مڪمل ٿيڻون هو پر هاڻي اهو عمل هڪ مهيني جي دير سان آڪٽوبر تي پهرين هفتي تائين مڪمل ڪيو ويندو. ڪارپوريشن جي 9 زونن ۾ ستن ۾ جاڇ پڙتال جو عمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رهجي ويل ڪراچي ۽ سکر زون ۾ ملازمن جي جاچ پڙتال جو عمل ايندڙ ڪجھه ڏينهن مڪمل ڪيو ويندو. ڊيلي ويجس ملازمن جي جاچ پڙتال جي لاءِ جنرل مينيجر پي اينڊ ڊي جي سربراهي ۾ ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي وئي. ڪميٽي ڊيلي ويجس جي ملازمن جي تعليمي قابليت ۽ نوڪري جي مدي سميت وڌيڪ تصديق ڪري رهي آهي، ذريعن موجب پهرين جنوري 2016 کان پهرين ڀرتي   ٿيندڙ ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجس ملازمن مستقل ٿيڻ لاءِ اهل هوندا. هن وقت ڪارپوريشن ۾ 3 هزار 932 ڪانٽريڪٽ ۽ 3 هزار 601 ڊيلي ويجس ملازم ڪم ڪري رهيا آهن.

اي پيپر