يوٽرن خان وٽ گاريون ڏيڻ ۽ موقف تبديل ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي: اسفند يار ولي

November 14, 2017 at 2:27 am

چمن( م ڊ ) عوامي نيشنل پارٽيءَ جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته ضروري ناهي ته سٺو ڪرڪيٽر سٺو سياستدان به هجي، يوٽرن خان وٽ گارين ۽ موقف تبديل ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. چمن ۾ عوامي لسي کي خطاب ڪندي اسفند يار ولي چيو ته مون کي قوم جي پرواهه آهي ڪنهن جي پسند يا نا پسند جي ضرورت ناهي. هن چيو ته عمران خان ڪنهن کي بخش نه ٿو ڪري سڀني کي گاريون ڏيندو آهي، اڄ ڪلهه چونڊون ڪرائڻ جو نئون شوشو ڇڏي رهيو آهي، پارليامينٽ کي مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ نواز شريف سي پيڪ جا واعدا پورا ڪن، هنن زرداري سان اتحاد ڪيو ته پشتون قوم کي ڪي پي صوبو وٺي ڏنو ۽ قوم کي اڙهين ترميم ڏني، فضل الرحمان ۽ اچڪزئي سان اتحاد ڪيو پر ڇا ڏنو آهي. اسفند يار ولي چيو ته محمود اچڪزئي کي اتحاد جي بدلي ۾ ڀاءُ لاءِ گورنر جو عهدو مليو، عزيزن لاءِ وزارتون مليون، خبر ناهي فضل الرحمان ڇو فاٽا جا انضمام خلاف آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان ڪنهن جي ٻولي ڳالهائي ٿو پر پنهنجو منهن بند رکڻ چاهين ٿا، فاٽا کي صوبو بڻائي سڄي عمر حڪمراني ڪرڻ خام خيالي آهي.

اي پيپر