لنڊن (اين اين آءِ)يونيورسٽي آف لنڊن اڄ خميس 24 آگست تي طئي ٿيل پرويزمشرف جي ميزباني کان انڪار ڪري ڇڏيو. ميڊيا رپورٽ موجب هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام جي رڪارڊنگ جي لاءِ پرويز مشرف يونيورسٽي آف لنڊ جي هڪ اهم انسٽيٽيوشن ايس او اي ايس ۾ خطاب ڪرڻ وارو هيو ان پروگرام ۾ 1999 جي ٽيڪ اوور دهشتگردي خلاف جنگ نوازشريف جي نااهلي ۽ ڀارت جي حوالي سان پاڪستاني فوج جي سخت موقف جھڙن موضوعن تي سوالن ۽ جوابن جي سلسلي جو امڪان هيو. پرويزمشرف جا مخالف اڳوڻو فوجي حڪمران کي خطاب جي لاءِ يونيورسٽي جو پليٽ فارم فراهم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي جڏهن ته ڳالهه جو به خدشو ٿي رهيو ته ان جي انعقاد تي احتجاج ۽ پروگرام کي متاثر ڪرڻ جون ڪوششون به سامهون اچي سگھن ٿيون. ايس او اي ايس پاران جاري ٿيندڙ بيان ۾چيو ويو ته ٽيڪنيڪي طور تي ايوينٽ کي ملتوي نه ڪيو پيو وڃي ڇو ته انجي باقاعدا ڪا بڪنگ ئي نه ٿي هئي. پروگرام جا انتظآم ڪرڻ يا انکي ملتوي ڪرڻ انسٽيٽيوٽ جو ڪو به ڪردار نه آهي. هن چيو ته ايس او اي ايس ۾ طئي ٿيل پروگرام ملتوي نه پر ڪجھه ڏينهن لاءِ ملتوي ٿيو آهي ڇو ته ان ۾ وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪرڻ چاهين پيا ۽ پرويز مشرف هڪ هفتي کان لنڊن ۾ ئي موجود اهي.