يونيورسٽين ۾ بيوروڪريٽ وائس چانسلر جي مقرري جو قانون ۽ ادارن جي خودمختياري  جو سوال

December 12, 2024 at 11:46 pm

سنڌ ڪابينا هاڻي يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جي مقرري لاءِ ضابطن ۾ تبديلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ حڪومت جي فيصلي موجب وائيس چانسلر جي  اهليت لاءِ لاڳاپيل شعبي ۾ ماسٽر ڊگري سان گڏ مڪمل پروفيسرشپ کانسواءِ  21 گريڊ جو بيوروڪريٽ به وائيس چانسيلر ٿيڻ جي اهل هوندو. ان سان گڏ حڪومت اهو به فيصلو ڪيو آهي ته ھاڻي غيرتدريسي عملي کان علاوه استادن جي مقرري بھ ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ڪئي ويندي. سنڌ ڪابينا اهو به فيصلو ڪيو آهي ته تعليمي بورڊز جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنڌ بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن آرڊيننس ۾ ترميم ڪئي ويندي. هاڻي بورڊ جا چيئرمين به بيوروڪريٽ هوندا.

سنڌ حڪومت جا اھي فيصلا سرڪاري يونيورسٽين جي ھئيت بدلائي ڇڏيندا. جديد تعليمي نظام ۾ تعليم جي مختلف سطحن/درجن  ۾ جديد تعليم ۾ پهريون مرحلو اسڪول جي تعليم جو آهي. اسڪول ۾ ٻار جي شخصيت بڻجڻ جو عمل  شروع ٿئي ٿو. ٻار بنيادي شيون سکي ٿو. اسڪول ۾ استاد ان جو آئيڊيل هوندو آهي، پوءِ ڪتاب شامل ٿي ويندا آهن ۽ ٻار کي  ٻولين جي علم سان گڏ پڙهڻ ۽ لکڻ ايندو آهي. ڪو وقت هو جڏهن اسڪول جو استاد  ٻار تي جسماني تشدد ڪرڻ جو حق رکندو هو پر تعليم تي ٿيندڙ تحقيق جي نتيجي ۾ ٻارن جي حقن جو تصور آيو ۽ پوءِ ٻار کي سوال ڪرڻ جو حق بھ ملي ويو.

هڪ ٻار ميٽرڪ کان پوءِ ڪاليج ويندو آھي،ڪاليج ۾ خاصو آزاد ماحول ھوندو آهي.جتي  ٻار کي گهڻي آزادي ملي ٿي. اسڪولن ۾ ٻارن جي تنظيمي صلاحيتن کي اڀارڻ لاءِ، ڪلاس جي نمائيندي، سي آر بڻجڻ جو موقعو ملي ٿو.  ڪجهه اسڪولن ۾ مختلف قسم جون سوسائٽيون بھ قائم ھونديون آھن.ڪنھن دور ۾ جڏهن شاگرد يونين جو ادارو موجود ھو تڏھن شاگرد جمهوري عمل کان واقف ٿيندو ھو. مختلف شاگرد تنظيمن سان به ھن جو واسطو پوندو ھو.پر اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن کي تحقيق جو موقعو نه ملندو آھي. پر برطانوي   تعليمي نظام ۾ ”او“ ليول ۽ ”اي“ ليول ۾ نصاب جديد سائنسي بنيادن تي مرتب ڪيو وڃي ٿو، تنهن ڪري شاگردن کي مختلف موضوعن تي تحقيق جو موقعو ملي ٿو.

سڄي دنيا ۾ يونيورسٽي جو تصور  مختلف آهي.يونيورسٽي جي بنيادي فرضن ۾ تدريس کان علاوه تحقيق بھ شامل آهي. اھو تصور ڪيو ويندو آھي  ته يونيورسٽي ۾ شاگرد ۽ استاد  ھڪ کليل ماحول ۾ ھر موضوع تي تحقيق ڪندا ۽ تحقيق ذريعي سماج ۽ رياست کي نون نظرين کان آگاهه ڪندا. يونيورسٽي جا استاد پاڻ شاگردن لاءِ نصاب پڻ پاڻ تيار ڪندا ۽ وقت سان گڏ ان نصاب ۾ تبديلي بھ ڪئي ويندي.

استاد ۽ شاگرد يونيورسٽي جي ادارن ۾ شامل ٿي ان جو نظام هلائيندا. ان بنياد تي يونيورسٽي کي مڪمل خودمختياري ڏني ويندي آهي. يونيورسٽي جا بنيادي ادارا استادن ۽ شاگردن لاءِ قانون بھ  ٺاهيندا. ان سڄي عمل کي علمي آزادي” اڪيڊمي فريڊم“ چئبو آهي. يورپ جون قديم يونيورسٽيون اڄ به علمي آزاديءَ جي اداري جي بنياد تي سڄي دنيا ۾ اهم حيثيت رکن ٿيون. اهي يونيورسٽيون زندگيءَ جي هر شعبي ۾ تحقيق تي اربين رپيا خرچ ڪن ٿيون. اهو ئي سبب آهي ته طبي سائنس ۾ ٿيندڙ تحقيق جي رستي سان  نيون دوائون ايجاد ٿين ٿيون. اقتصاديات ۾ ٿيندڙ تحقيق سان عام ماڻهو کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ رستو ملي ٿو.

گذريل صديءَ ۾ پاڪستان ۾ يونيورسٽين ۾ تحقيق جو رجحان نه هو. ايم اي ۽ ايم ايس سي ۾، ڪنهن موضوع تي تحقيق کي اضافي مضمون جي حيثيت حاصل هئي ۽ محدود پئماني تي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ٿينديون ھيون. ميڊيڪل سائنس ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ تھ ڪا تحقيق  ٿيندي ئي نھ هئي. اهي يونيورسٽيون ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ پنهنجن استادن کي آمريڪا ۽ يورپي ملڪن ۾ موڪلينديون هيون. صرف  ڪجهه نوجوان پنھنجي خرچ تي يورپي ۽ آمريڪي  يونيورسٽين ۾ ريسرچ(تحقيق) ڪندا هئا، پر نئين صديءَ جي شروعات سان  سڄي دنيا جي يونيورسٽين جي بنيادي ڍانچي ۾اهم تبديليون آيون.

هاڻي يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جي جاءِ تي هائير ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) وجود ۾ آئي. ايڇ اي سي سڄي دنيا جي يونيورسٽين ۾نوان ڪورس رائج ڪيا۽ بي ايس جي سطح کان تحقيق جو مضمون تدريس ۾ شامل ٿيو ۽ پھرين سيمستر کان تحقيقي لازمي حيثيت اختيار ڪري وئي ۽ اھري طرح سان،  ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي يونيورستي استادن جي لاءِ لازمي قرار ڏنا ويا.ايڇاي سي گھڻن ئي سببن جي بنياد تي تحقيقي جي لاءِ اھڙا فند فراھم نھ ڪري سگھي جھڙا ھندستان، جاپان،يورپ ۽ آمريڪا جي يونيورسٽين وٽ ھوند آھن.رياستي بحرانن جي بنياد تي يونيورسٽين کي ملندڙ گرانٽس گھٽجي وئي.

ايڇ اي سي جي سربراهن اهو موقف اختيار ڪيو ته يونيورسٽيون مالي خودمختياري لاءِ فين ۾ واڌ ڪن. ان صورتحال ۾ في ڪورس جي في ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو  ٿيو ۽ ڪجهه مضمونن جي فين ڻ ڪئين سئو ڀيرا واڌ ٿي. تعليمي آڊٽ نھ ھئڻ جي ڪري غير معياري پي ايڇ ڊي ٿيسز به سامھون آيا. ان سان گڏ ئي سرقھ نويسي  plagiarism  جو رجحان به مضبوط ٿيو، پر مجموعي طور پاڪستان جون يونيورسٽيون ھڪ جديد دور ۾ داخل ٿيون.

يونيورسٽين جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ تعليم جي معيار کي بلند ڪرڻ ۽ سڄي دنيا جي يونيورسٽين ۾ تحقيق جي نتيجي سامھون ايندڙ نون لاڙن کي پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ لاڳو ڪرڻ جو ڪم اھو ئي شخص بھتر طور تي انجام ڏئي سگھي ٿو. جيڪو يونيورسٽي ڪلچر مان اڀرندي سامھون آيو ھجي ۽ جنھن خود تحقيق ڪئي ھجي، اهو شخص صرف پروفيسر ٿي سگهي ٿو، هو شاگردن جي رجحانن کان واقف ھوندو آھي ۽ انهن جي مسئلن جو حل ڪڍندو آھي.

هڪ سٺي وائيس چانسلر بابت چيو ويندو آهي اھو پاڻ هڪ وڏو محقق هجي، انتظامي تجربو هجي ۽ شاگردن جي نفسيات کي سمجهندو ھجي. پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ ڪيترائي استاد وائيس چانسلر گذريا آھن، جن يونيورسٽي جي وڏن بحرانن جو حل بنا ڪنهن پابنديءَ جي قدم جي حل ڪيوآھي. جڏهن هڪ بيوروڪريٽ وائيس چانسيلر مقرر ٿيندو ته هو تعليمي معاملن کان اڻ واقف ھوندو. پر انهن تي فيصلا ڪندو. ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي ٿيسز ۽ تحقيق جي لاءِ موضوعن  جي باري ۾ فيصلي ڪرڻ جو واحد  مختار هوندو. ايئين بيوروڪريٽ وائيس چانسلر جي لاءِ شاگردن ۽ استادن جي علمي آزاديءَ جي ڪا  اهميت نه ھوندي.

هڪ بيوروڪريٽ وٽ شاگردن، استادن ۽ غير تدريسي عملي کي بنيرڻ جو صرف انتظامي رستو ھوندو. ان لاءِ تعليمي اداري جي ڪا به اهميت نه هوندي، جنهن سان يونيورسٽي ۾ علمي آزادي کي سخت نقصان رسندو. استادن کي ڪانٽريڪٽ تي رکڻ جو مطلب آهي ته استاد هر وقت پنهنجي اعليٰ عملدارن جي فرمانبرداري ڪرڻ تي مجبور هوندو. ڪنھن وقت ۾ چيئرمين ۽ ڊين مستقل ھوندا ھئا.  جونيئر استادن سان سندن رويو آمراڻو ھوندو  هو. ان وقت استاد ڏهه ڏهه سال ايڊهاڪ بنيادن تي ڪم ڪرڻ تي مجبور ھوندا ھئا ۽ جيڪو به استاد پنهنجي حق لاءِ آواز اٿاريندو هو ان کي برطرف ڪيو ويندو هو.

اڻ تجربيڪار بيوروڪريٽ چارج سنڀاليندو  ته اتي به صورتحال خراب ٿيندي. جڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي ته ان انھن يونيورسٽي  جي انھن قانونن ۾ تبديلي ڪري ڇڏي  جيڪي پيپلز پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽي پنھنجي دور ۾ ٺاهيا ھئا.ان قانون تحت حڪومت، سنڊيڪيٽ کان رجسٽرار ۽ ڊائريڪٽر فنانس جي مقرر ڪرڻ جو اختيار کسيو ويو. ان ترميم سان وائيس چانسلر بي اختيار ٿي ويو، پر جڏهن استادن احتجاج ڪيو ته حڪومت اها ترميم تھ واپس نه ورتي پر ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي کي ان قانون کان آجو قرار ڏنو ويو. پر ٻين يونيورسٽين ۾ اهو قانون لاڳو ٿي ويو.

وفاقي اردو يونيورسٽي جي ٽيچرس يونين جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر عرفان عزيز جو چوڻ آهي ته ” يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز جي عھدن لاءِ نان پي ايڇ ڊي فردن جي مقرري نھ رڳو تعليمي ادارن سان ناانصافي ۽ غيراخلاقي ھوندي بلڪھ پاڪستاني يونيورسٽين ۾ تعليمي معيار وڌيڪ ڪرندو.اهو فيصلو عالمي روايتن ۽  اصولن جي بھ ڀڃڪڙي ھوندو“

سڄي دنيا ۾ يونيورسٽي جي سربراهي تعليم ۽ تحقيق ۾ نمايان حيثيت رکندڙ فردن حوالي ڪئي ويندي آھي. جيتوڻيڪ حڪومتي وزير ان فيصلي جي حق ۾ دليل ڏئي رهيا آهن، پر پيپلز پارٽي جا سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو سينيٽر رضا رباني، ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آھي.حڪومت کي يونيورسٽين جي انتظامي ۽ مالياتي بحران جي حل لاءِ مدد ڪرڻ گھرجي.

 

اي پيپر