ياسمين راشد، شهريار آفريدي، عثمان ڊار، مراد ۽ ٻيا 9مئي واقعي ۾ ملوث، وڌيڪ وڊيوز جاري، ڪيسز جو جلد فيصلو ٻڌايو وڃي: تارڙ

لاهور (م ڊ) وفاقي سرڪار 9 مئي جي حوالي سان سي سي ٽي وي فوٽيجز جاري ڪري ڇڏيا، وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته هڪ رٿابندي تحت 9 مئي جا واقعا ڪرايا ويا، 9مئي تي حملا ڪري ڦرلٽ ڪئي وئي، تحريڪ انصاف وارا چئي رهيا هئا ته سي سي ٽي وي فوٽيجز سامهون آڻيو، حڪومت اهي فوٽيجز سامهون آندا آهن، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هاڻي پي ٽي آءِ وارا قوم کان معافي گهرن، هن چيو ته ڇا ياسمين راشد، شهريار آفريدي ۽ عثمان ڊار تحريڪ انصاف جا ميمبرز ناهن؟ ڇا 9 مئي تي هنن جا ماڻهو روڊن تي نه نڪتا هئا؟ مراد سعيد بيان جاري ڪندي ڪارڪنن کي مختلف هنڌن تي پهچڻ جون هدايتون جاري ڪيون، تارڙ چيو ته هي ملڪ دشمن آهن ۽ اڄ به ان مائينڊ سيٽ تي قائم آهن، تحريڪ انصاف جو باني 9 مئي واقعن تي قوم کان معافي گهري ۽ ڪيسن کي منهن ڏئي. هن چيو ته ثبوت موجود آهن، ڪيسز جو جلد فيصلو ٻڌايو وڃي، 9 مئي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي سزائون ڏنيون وڃن. عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ اڄ پرڏيهي مداخلت جو مطالبو ڪري رهي آهي، اهو ٻڌائن ته هنن جو “اسان ڪوئي غلام آهيون” وارو نعرو ڪيڏانهن ويو؟

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *