وڳڻ ( رپورٽ ساجد تنيو ) وڳڻ ۽ ڀرپاسي ۾ سنوڪر، ڪرمِ بورڊ، ۽ ويڊيو گيمز جو آزار وڌي ويو،انتظاميه خاموش، تفصيل موجب وڳڻ ۽ ڀرسان پکو ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن گھوگھارو،ديدڙ ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر سماجي براين جو آزار وڌي ويو آھي،جنھن ڪري نوجوان نسل تباھي جي ڪناري تي پھتل،جڏھن ته معصوم ٻار پڻ اسڪول وڃڻ بدران ڪرم بورڊ ۽ ويڊيو گيمز تي پنھنجو قيمتي وقت زيان ڪرڻ لڳا،انتظاميه جي لاپرواھي سبب مٿي ڄڻايل ڳوٺن ۾ صبح جو 8 بجي کان رات جي 11 بجي تائين ويڊيو گيمز،اسنوڪر،ڪرم بورڊ جا دڪان ھلڻ سبب ھر وقت رش نظر اچڻ لڳي آھي،جڏھن ته علائقي جا ڪيترائي نوجوان ۽ معصوم شاگرد اسڪول وڃڻ بدران پنھنجو قيمتي وقت ۽ مستقبل گيمن تي زيان ڪرڻ لڳا،پر انتظاميه طرفان اڃان تائين ڪا اثرائتي ڪاروائي نه ڪئي وئي آھي،جنھن سبب معصوم شاگردن جي والدين سميت سڄاڻ ڌرين ۾ پڻ ڳڻتي جي لھر ڇانيل آھي،هوڏانهن ڌيان رهي ته ان گيمز ذريعي جوا جا اڏا به هلي رهيا آهن.