ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي راڻي باغ جي مرمت ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، مراد علي شاهه راڻي باغ جي بهتري لاءِ سنگاپور جي ماهرن کان مدد وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي راڻي باغ جي مرمت ۽ بهتري بابت اجلاس ٿيو. اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي راڻي باغ جي مرمت ڪرڻ، جانورن جي واڌ ويجهه جو حڪم ڏنو. وڏي وزير چيو ته ڪراچي راڻي باغ کي سنگاپور جي جهڙن جهڙن راڻي باغن جهڙو بڻايو وڃي ۽ ضرورت پوڻ تي سنگاپور جي ماهرن کان به مدد ورتي وڃي. گذريل ڏينهن وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي ميئر وسيم اختر سان گڏ ڪراچي راڻي باغ جو دورو ڪيو هو. سڄاڻ ڌرين وڏي وزير پاران ڪراچي راڻي باغ جي حالت بهتر ڪرڻ واري عمل کي هڪ بهتر قدم قرار ڏيندي سالن کان اجڙيل حيدرآباد راڻي باغ ڏانهن به ڌيان ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.