ڪراچي (اين اين آءِ)سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سومر تي يونس آباد ۾ بحريا ماڊل اسڪول جي نئين تعمير ٿيل پرائمري سيڪشن ۽ بوائز ونگ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ڪمانڊر ڪراچي ريئر ايڊمرل اطهر مختيار به ساڻس گڏ هيو. ملڪ جي سامونڊي سرحدن جي تحفظ جو مقدس فرض جي ادائگي سان گڏوگڏ نيوي تعليم جي شعبي ۾ نمايا خدمتون انجام ڏئي رهي آهي. بحريا ماڊل اسڪول جي قيام جو مقصد پوئتي پيل علائقن جي ٻارڙڻ کي معيار تعليم ڏيڻ آهي. جيڪا تعليم جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت جي تعاون سان نيوي جي اهم ڪوشش آهي. بحريا ماڊل اسڪول يونس آباد ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽس سائنس اينڊ ڪمپوٽر ليبارٽري قائم ڪئي وئي آهي. مڪ جي نئين نسل کي مطالعي ڪرڻ جي عادت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اسڪول ۾ هڪ لائبريري به قائم ڪئي ويندي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته يونس آباد جھڙن علائقن ۾ معياري تعليم جي گھٽ هجڻ سبب والدين پنهنجي اولاد کي اسڪول نه موڪلي سگھندا هيا، بحريا ماڊل اسڪول جھڙي تعليمي ادارن جي قائم ڪرڻ ۾ نيوي جو ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته مختلف ترقياتي منصوبن ۾ پاڪ نيوي سان تعاون جاري رهندو ۽ هن يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت اهڙي قسم جي سمورن منصوبن ۾ پاڪ نيوي سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي.