وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان احتجاج ڪندڙ استادن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي( م ڊ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچيءَ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندڙ استادن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اين ٽي ايس استادن جي معاملي تي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر، چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، ڪراچيءَ جي ڪمشنر اعجاز خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه کي آگاهه ڪيو ويو ته اين ٽي ايس ذريعي 15649 استاد ڀرتي ڪيا ويا، جنهن ۾ 612 ايڇ ايس ٽي، 5288 جي ايس ٽي، 9749 پي ايس ٽي شامل آهن. وڏي وزير سوال ڪيو ته استادن جي مستقلي لاءِ ڪهڙي پاليسي آهي. وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته پاليسي تحت مستقلي لاءِ ٻيهر اين ٽي ايس ٽيسٽ ضروري آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته استادن ٽن سالن جو ڪانٽريڪٽ مڪمل ڪيو آهي هاڻي هو چاهين ٿا ته کين مستقل ڪيو وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سٺن استادن جي مستقلي ۾ ڪو به مسئلو نه ٿيڻ گهرجي،  مان چاهيون ٿو ته جيڪي به استاد مستقل ٿين تن جي ٿرڊ پارٽي ذريعي ٽيسٽنگ ٿيڻ گهرجي، تعليم جي بهتري لاءِ اسان کي ڪجهه سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته هر پنجن سالن کانپوءِ استادن جي ٿرڊ پارٽي ذريعي ٽيسٽنگ ڪرائي وڃي، جنهن استادن کي پڙهائڻ نه ٿو اچي تنهن کي نظام کان ٻاهر هئڻ گهرجي، استادن جو معيار زبردست هئڻ گهرجي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ تعليم کي هر قسم جي انفليونس کان آزاد ڪري تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ چاهيان ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *