ڪراچي( م ڊ ) سنڌ جي وڏي وزير مرا د علي شاهه پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف سان فون تي رابطو ڪري روزي رکڻ ۽ کولڻ وقت ڊگهي لوڊشيڊنگ تي احتجاج ڪيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه موقف اختيار ڪيو ته ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب سنڌ جو عوام تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته توهان مون کي خاطري ڪرائي هئي ته لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي ۽ خاص طور تي رمضان المبارڪ ۾ روزي رکڻ ۽ کولڻ وقت بجلي بند نه ٿيندي. پاڻي ۽ بجلي وفاقي وزير خواجه آصف سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هو پنهنجي واعدي تي قائم آهي، انشاءَ الله لوڊشيڊنگ گهٽ ٿي ويندي ۽ رمضان المبارڪ دوران خاص خيال رکيو ويندو.