وڏي وزير صنعتي پلاٽن جي ڪمرشل پلاٽن ڏانھن تبديلي ۽ الاٽمينٽ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

ڪراچي (هه آ)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ فوري طور تي صنعتي پلاٽن جي ڪمرشل پلاٽن ڏانھن تبديلي ۽ الاٽمينٽ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آھي ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي ھدايت ڪئي آھي تھ ھُو ڪابينا ۾ ان تي وڌيڪ غور ويچار ۽ منظوريءَ لاءِ ھڪ پاليسي ترتيب ڏئي. ھن اھا ھدايت اڄ سائيٽ ڪراچي ۾ صنعتي پلاٽن جي ڪمرشلائيزيشن بابت ھڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاھھ، پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاھھ، سيڪريٽري انڊسٽريز حليم شيخ، ايم ڊي سائيٽ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. واضح رھي تھ سائيٽ جي 152 ايڪڙ ايراضي الاٽ ڪئي وئي آھي تنھن مان 3 ايڪڙ سينيما، 4 ايڪڙ بينڪن، 23 ايڪڙ سي اين جي اسٽيشنز، 40 ايڪڙ گودامن، 3 ايڪڙ ھوٽلن، 40 ايڪڙ آفيس ۽ شو رومز، 26 ايڪڙ پيٽرول پمپ، ھڪ ايڪڙ شاپنگ سينٽر، ھڪ ايڪڙ پوسٽ آفيس، 7 ايڪڙ دڪانن، 2 ايڪڙ وزن ڪندڙ ڪانٽن، 2 ايڪڙ ورڪشاپس لاءِ الاٽ ڪئي وئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ اھا الاٽمينٽ سائيٽ جي 8 حڪومتي ميمبرن ۽ 7 ٽينٽس/صنعتڪارن تي مشتمل بورڊ ڪئي، اھا الاٽمينٽ قانوني آھي پر پلاٽ صنعتي مقصدن لاءِ ھئا انڪري انھن کي تجارتي يا ٻئي مقصد لاءِ الاٽ نٿو ڪري سگھجي. وڏي وزير کي اھو بھ ٻڌايو ويو تھ 153 ايڪڙن تي مشتمل پلاٽ غيرقانوني طور تي تجارتي پلاٽن ۾ تبديل ڪيا ويا انھن مان بينڪن لاءِ 13 ايڪڙ، سي اين جي اسٽيشن لاءِ 15، گدامن لاءِ 9، شورومز لاءِ 73، پيٽرول پمپ لاءِ 19، شاپنگ سينٽر لاءِ 6، دڪانن لاءِ 5، وزن ڪندڙ ڪانٽن لاءِ 11، اسڪول لاءِ ھڪ ۽ ورڪشاپ لاءِ ھڪ ايڪڙ شامل آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ان ۾ ڪو شڪ نھ آھي تھ سائيٽ جو علائقو صنعتي مقصدن لاءِ قائم ڪيو ويو ھو پر ان کي ڪمرشل ۾ تبديل ڪيو ويو جيڪو غيرقانوني آھي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي ھدايت ڪئي تھ ان معاملي کي صوبائي ڪابينا ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ فوري طور تي پلاٽن جي الاٽمينٽ ۽ تبديلي تي فوري طور تي مڪمل باپندي لاڳو ڪئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *