ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي سرڪاري گهر جي مرمت ۽ سينگار جي لاءِ تقريبن هڪ ڪروڙ رپين (96 لک 31 هزار رپيا) جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وڏي وزير ڄاڻايل رقم جي منظوري سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر شهلا رضا جي درخواست تي ڏني آهي، ڊپٽي اسپيڪر جي سرڪاري گهر بنگلو نمبر ايس ٽي 25، سائيٽ هائوس، مين اسٽيڊيم روڊ ڪي ڊي اي اسڪيم نمبر ون تي موجود آهي. ڊپٽي اسپيڪر جي درخواست تي سنڌ جي وڏي وزير اها رقم سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري جي انتظام هيٺ خرچ ڪرڻ به هدايت ڪئي آهي.