وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو نيپا ۽ حسن  اسڪوائر جو دورو، سنگل روڊن تي پارڪنگ فوري ختم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي نيپا چورنگي، حسن اسڪوائر، جيل چورنگي ۽ طارق روڊ سميت مختلف علائقن جو دورو ڪري روڊن جي ڪم جو جائزو  ورتو آهي. وڏي وزير سنگل روڊن تي گاڏين جي پارڪنگ فوري ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وڏي وزير مراد علي شاهه نيپا کان حسن اسڪوائر، جيل چورنگي ۽ طارق روڊ جو دورو ڪري روڊن جو معائنو ڪيو، جنهن دوران انتظاميا پاران کيس ترقياتي ڪمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير روڊن جي صفائي ۽ حد دخلين جو به معائنوڪيو ۽ ڊي ايم سي انتظاميا کي فعال رهڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير روڊن تي گاڏيون پارڪ ڪرڻ تي ٽريفڪ عملدارن کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته سنگل روڊن تي به گاڏين جي پارڪنگ ڪئي وئي آهي، جيڪي ختم ڪيون وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *