وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اورنگي ٽائون ۾ پيڊياٽرڪ ايمرجنسي روم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اورنگي ٽائون ۾ پيڊياٽرڪ ايمرجنسي روم جو افتتاح ڪيو جڏهن ته وڏي وزير  ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ روڊ تي گٽر اٿلڻ جو پڻ نوٽيس ورتو. وڏي وزير مڪاني ادارن واري وزير کي  ميونسپل ڪمشنر ڪورنگي کان جواب طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن سوال ڪيو ته ڊي ايم سي ڇا ڪري رهي آهي. ان موقعي تي صحت وارو وزير ۽ صحت وارو سيڪريٽري ساڻس گڏ هئا.ان موقعي تي وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڌيڪ ٽي سينٽرن ٻيا کولينداسين، نوان سينٽر پبلڪ پرائيويٽ پارنٽر شپ سان ٺاهينداسين.هن چيو ته ايمرجنسي وارڊ 80 بسترن تي ٻڌل آهي، اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تي ڪم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته ڊسمبرتائين وڌيڪ 2 سينٽر کولينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميا سان به ملاقات ڪئي آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي پنهنجو سسٽم رپيئر ڪرڻو پوندو، نيشنل گرڊ مان ساڍا 650 ميگا بجلي ملندي آهي. بجلي جي صورتحال تي وفاق سان ڳالهيون ٿيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ وارن سان ٻه ڀيرا ملاقاتون ڪيون، وفاق کي به خط لکيو، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا سان رمضان کان پهرين ملاقات ٿي، ماتلي جي فيڊر سان 21 ڪلاڪ بجلي بند هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *