وڏي وزير جي صدارت هيٺ 27هين پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) پاليسي بورڊ جو اجلاس

ڪراچي (هه آ)  سنڌ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ 27هين پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) پاليسي بورڊ جو اجلاس اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ پي پي پي موڊ تحت تعليم، زراعت ۽ انفراسٽريڪچر جي مختلف رٿائن کي شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ صوبائ وزير عذره پيچوهو، اسماعيل راهو، سعيد غني، سيد سردار شاهه، سيد اويس شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه، چيئرمين رٿابندي ۽ ترقي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، انچارج پي پي پي يونٽ خالد شيخ، مختلف کاتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اسڪول ايجوڪيشن کاتي خانگي شعبي کان هڪ سٺي ايجوڪيشن مئنيجمينٽ آرگنائيزيشن (اِي ايم او) سان گڏ مئنيجمينٽ ڪانٽريڪٽ ڪرڻ جي حوالي سان هڪ ڪيس پيش ڪيو ويو جنهن جو مقصد ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽ حسين آباد ڪراچيءَ جي ڪارڪردگيءَ کي جديد تعليمي نظام ۽ سڌارن ذريعي بهتر بڻائڻ ۽ انتظامي خلا کي ڀرڻ، اداري جي عمارت ۽ سهولتن کي بهتر ۽ اپ گريڊ ڪرڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته مان چاهيان ٿو ته ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽ حسين آباد کي پي پي پي موڊ تحت هلائڻ گهرجي. هن چيو ته ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽ جي ايڊميشن جو انتظام پرائيوٽ سيڪٽر کي ڏنو وڃي ته جيئن پروفيشنل انداز ۾ ٿي سگهي. هن چيو ته اسان تعليم کي ان وقت بهتري ڪري سگهون ٿا جڏهن استاد پروفيشنل طور تي سکيا ورتل هوندا. تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو ته اسان وٽ 29 ٽيچرز ٽريننگ اسنٽيٽيوٽ آهن ۽ انهن سڀني کي پرائيوٽ سيڪٽر ذريعي بهترين انداز ۾ هلائي سگهجي ٿو. وڏي وزير ٽريننگ انسٽيٽيوٽ جي عمارت کي بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. انهن ٽريننگ انسٽيٽيوٽ لاءِ پرائيوٽ پارٽي سٺا پروفيشنل ٽرينرز مقرر ڪندي. ٽرينرز / ٽيچرز جي پگهار سنڌ حڪومت ادا ڪندي. اجلاس ۾ پي پي پي بورڊ ٽريننگ انسٽيٽيوٽ کي ميرٽ جي بنياد تي خانگي شراڪتدار جي حوالي ڪرڻ ۽ ڪانٽريٽ جي طريقيڪار کي مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سيڪريٽري تعليم قاضي شاهد پرويز هڪ ٻيو سنڌ بيسڪ ايجوڪشن پروگرام پيش ڪيو جنهن تحت سنڌ حڪومت ۽ يو ايس ايڊ 25 اسڪول صوبي ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ تعمير ڪيا آهن. پي پي پي پاليسي بورڊ انهن اسڪولن کي پي پي پي موڊ تحت هلائڻ چاهي ٿي. انهن اسڪولن کي هلائڻ لاءِ 13 مختلف پرائيوٽ پارٽين کان آڇون گهريونن ويون آهن، اهي اسڪول چار / پنجن ضلعن ۾ پرائيوٽائيز ڪيا ويندا. ان پيڪيج ۾ سکر، لاڙڪاڻو، قمبر شهداد ڪوٽ ۽ دادو ضلعا شامل آهن. انهن اسڪولن کي ڏهن سالن لاءِ پرائيوٽ سيڪٽر کي ڏنا ويندا. پي پي پي پاليسي بورڊ انهن اسڪولن کي ميرٽ تي پرائيوٽ پارٽين کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سنڌ پي پي پي بورڊ ۾ اسڪول ڪوٽ جي 29 اسڪولن کي ٿر فائونڊيشن کي ڏيڻ لاءِ تجويزون ڏنيون ويون. وڏي وزير چيو ته ٿر فائونڊيشن ۾ سنڌ حڪومت جا وڌيڪ شيئر آهن اهي پي پي پي جي دائري ۾ ۾ آهي يا نه، ان جو وزارت قانون سان صلاح وٺي ٿر فائونڊيشن کي ڏنا ويندا. سنڌ حڪومت جرمن بينڪ جي سهڪار سان چار ريجنل بلڊ سينٽرز (آر بي سي) بڻايا آهن. اهي آر بي سي سکر، ڄامشورو، شهيد بينظير آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ تعمير ڪيا ويا آهن. اهي آر بي سي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت هلائڻ جو پي پي پي پاليسي بورڊ ۾ پيش ڪيا ويا. انهن چئن سينٽرن ۾ ٻه سينٽر سکر ۽ ڄامشورو انڊس اسپتال هلائي رهيو آهي ۽ باقي ٻه آر بي سي ڪراچي ۽ شهيد بينطيرآباد پي پي پي موڊ تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. آر بي سي ڪراچي کي ضياءَالدين اسپتال ۽ آر بي سي شهيدبينظير کي فاطميڊ کي ڏيڻ واري فيصلي جي منظوري ڏني وئي. انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (اين آءِ سي ايڇ) جي سڪيورٽي ۽ سيفٽي پي پي پي موڊ تي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سڪيورٽي جي اوزان جي فراهميءَ لاءِ 474.42 ملين رپين جي آڇون موصول ٿيون آهن. هر شفٽ ۾ 12 گارڊ هوندا ۽ ٽن شفٽن ۾ 36 گارڊن جي گهرج آهي. پي پي پي پاليسي بورڊ ٻيهر ٽينڊر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. پاليسي بورڊ پرائيوٽ پارٽي کان ڪانٽريٽ جي ايگريمينٽ کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جيڪا پارٽي هن وقت سڪيورٽي فراهم ڪري رهي آهي ان جي ڪانٽريٽ کي ڇهن مهينن لاءِ وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڊي ايڇ ڪيو / سول اسپتال بدين پروجيڪٽ انڊس اسپتال هلائي رهيو آهي، ان اسپتال لاءِ 1008 ملين پيا هڪ ڀيرو ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *