ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مدرسن کي تعليمي ادارن طور رجسٽرڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اعليٰ سول ۽ عسڪري اختيارين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي، قانون سازي ۽ سيف سٽي منصوبي، تازي سيڪيورٽي صورتحال، دهشتگردي جي واقعن سميت ڪراچي جي نئين سر تعمير بابت گذريل فيصلن تي عمل جو جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ نيشنل ايڪشن پلان جي 16 پوائنٽن تي عمل جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ موٽر سائيڪلن ۾ ٽريڪر جي معاملي تي آءِ جي سنڌ توڙي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ بريفنگ ڏني.قانون بابت سيڪريٽري شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي جي حوالي سان قانون سازي جي تياري تي ڪم جاري آهي، نئين قانون جي تياري لاءِ هاءِ ڪورٽ سان مشاورت ڪئي پئي وڃي، جنهن تي وڏي وزير چيو ته رڳو قانون ٺاهڻ ڪافي ناهي پر ان تي عمل ضروري آهي، نوان قانون ٺهڻ تائين موجوده قانون تحت ڪرائم ڪيس ڊيل ڪيا وڃن.سيد مراد علي شاهه چيو ته اسٽريٽ ڪرائم ڪيس اهڙا ٺاهيا وڃن جو جوابدارن کي سزا ٿئي، ڪيس ڪمزور ٺاهڻ سبب ڏوهاري آزاد ٿي ويندا آهن.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هاءِ ڪورٽ کي درخواست ڪئي وڃي ته اسٽريٽ ڪرائم جي ٻڌڻي لاءِ الڳ جج مقرر ڪيو وڃي.اجلاس ۾ مدرسن جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 8195 مدرسا ۽ امام بارگاهون آهن.ايپڪس ڪميٽي مدرسا تعليمي ادارن طور رجسٽرڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته هاڻ مدرسا تعليم کاتو رجسٽر ڪندو، ماضي ۾ اوقاف ۽ انڊسٽريز ڊپارٽمينٽ مختلف قانونن تحت رجسٽريشن ڪئي، مدرسن جو مفت تعليم ڏيڻ ۾ اهم ڪردار آهي.