وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس؛ 13 ارب رپين جي لاڳت سان صحت کاتي جون هلندڙ 170 اسڪيمن جو جائزو

ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  اڄ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ 13 ارب رپين جي لاڳت سان صحت کاتي جون هلندڙ 170 اسڪيمن جو جائزو وٺندي جاري ڪيل فنڊن جي استعمال جي تناسب تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ صحت ۽ ورڪس کاتن کي هدايت ڪئي ته 17 اسڪيمون هلندڙ سال جون 2019 جي ٻئين هفتي تائين مڪمل ڪيون وڃن. هن چيو ته صحت هڪ اهم شعبو آهي ۽ کيس حڪومت انهيءَ تي خاص ڌيان ڏئي رھي آھي خاص طور تي اسپيشل وارڊ، او پي ڊيز، اين آئي ٽي يونٽس، آئي سي يوز جي تعمير ۽ آر ايف سي ۽ ٻين صحت جي سهولتن جي اپگريڊيشن تي، وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن اهي اسڪيمون ڄاڻايل وقت اندر مڪمل نه ٿيون ته اهي سنڌ جي ماڻهن لاءِ صحيح نه ٿيندو.  اجلاس ۾ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري صحت سعيد اعواڻ، سيڪريٽري ناڻو نجم شاهه، سيڪريٽري ورڪس سجاد عباسي، سيڪريٽري پي اينڊ ڊي شيرين ناريجو، اسپيشل سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر ڪبير، ميمبر ڊيولپمينٽ پي اينڊ ڊي فتاح تنيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صحت کاتي 13.5 بلين رپين جي لاڳت جون 170 اسڪيمون شروع ڪيون هيون جنهن لاءِ 5.79 بلين رپيا جاري ڪيا ويا جڏهن ته هينئر تائين 2.4 بلين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن جيڪي جاري ڪيل فنڊز جو 41.6 سيڪڙو ٺهي ٿو. وڏي وزير چيو ته ورڪس ۽ صحت کاتا ترقياتي اسڪيمن جي تڪميل تي ڌيان نه پيا ڏين. هن صحت ۽ ورڪس کاتن جي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته اهي گڏجي ويهن ۽ 100 سيڪڙو رکيل فنڊن جي استعمال وارين وڌ کان وڌ اسڪيمن کي گهٽ ۾ گهٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪن. صحت کاتي 17 اسڪيمون شروع ڪيون ۽ هر هڪ اسڪيم لاءِ رکيل فنڊز 25 ملين کان گهٽ يا وڌ آهن. انهن جي مجموعي مختص ڪيل رقم 151.855 ملين رپيا ٺھي ٿي جنھن لاءِ حڪومت 124.693 ملين رپيا جاري ڪيا پر اڃان تائين 137558 ملين رپيا خرچ ٿيا آهن ۽ استعمال ڪيل فنڊز جو تناسب 30.1 سيڪڙو ٺهي ٿو. وڏي وزير چيو ته هو ورڪس کاتي جي انهن انجنيئرز جي ڪارڪردگي مان خوش نه آهي جيڪي اسڪيمين جي تڪميل ۾ دلچسپي نه پيا وٺن. 1.3 بلين رپين جون 14 ٻيون اسڪيمون به آهن جنهن لاءِ 470.8 ملين رپيا جاري ڪيا ويا پر هينئر تائين 110.122 ملين رپيا خرچ ٿيا آهن. حڪومت انهن اسڪيمن لاءِ ٻه قسطن ۾ فنڊز جاري ڪرڻ جو فصلو ڪيو هو. وڏي وزير چيو ته  انهن اسڪيمن لاءِ جاري ڪيل پهرين قسط لڳي ٿو ته اڃان تائين استعمال نه ٿي آهي ته پوءِ ٻئين قسط يا باقي رهيل فنڊز ڪهڙي ريت جاري ٿيندا. 10.9 بلين رپين جون 136 اسڪيمن جي هڪ ٻي ڪيٽيگري آهي جنهن لاءِ حڪومت 4 هڪجهڙين قسطن ۾ فنڊز جاري ڪرڻ جو چيو۔ حڪومت 5202.372 ملين رپيا جاري ڪيا جنهن مان 2262.226 ملين رپيا استعمال ٿيا آهن. اهي اسڪيمون جيڪي تڪميل جي ويجهو آهن انهن ۾ 422.7 ملين رپين سان جي پي ايم سي جي بهتري، لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد ۾ 50 بسترن تي ٻڌل ميڊيڪل ۽ سرجيڪل آئي سي يو جو قيام ۽ 2803.5 ملين رپين جي لاڳت سان حادثن ۽ او پي ڊي جي توسيع ، 334.178 ملين رپين جي لاڳت سان عباسي شهيد اسپتال ڪراچي ۾ اي اين ٽي/آئي اينڊ فيسيڪا ميگزلري بلاڪ جي تعمير، 43 ملين رپين جي لاڳت سان ڄامشوري ضلعي ۾ بيوبڪ ۽ ٽلٽي ڪي آر ايڇ سيز کي بهتر ۽ اپگريڊ ڪرڻ ۽ ٻيون مختلف اسڪيمون شامل آهن. وڏي وزير سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز ۽ سيڪريٽري صحت کي ذاتي طور هدايت ڪئي ته هو صحت جي سهولتن جون جاري اسڪيمن جو دورو ڪري ۽ انهن جي ڄاڻايل مدت ۾ تڪميل کي يقيني بڻائين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *