وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس؛پاڪ-ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ جي سيڪيورٽي بابت خاص هدايتون جاري

ڪراچي (هه آ)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدرارت هيٺ پاڪستان-ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ ميچن جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ هن لاڳاپيل عملدارن کي فول پروف سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو، سيد ناصر شاهه، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد، آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا، پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر ۽ ٻين لاڳاپيل عملدران شرڪت ڪئي. وڏي وزير اجلاس جي سمورن شرڪت ڪندڙن، ٻين لاڳاپيل ادارن ۽ آفيسرن کي  پي ايس ايل ايونٽ جي ڪامياب انتظامن تي واڌايون ڏنيون. هن چيو ته اها اوهان سڀني جي سوڀ آهي. هن چيو ته اسان اهو ثابت ڪيو آهي ته هن شهر سميت سڄي صوبي ۾ ڪٿي به بهترين ايونٽس منعقد ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اها اسان جي پاڪستان جي ڪاميابي آهي. وڏي وزير چيو ته پي ايس ايل جا انتظام شاندار هئا پر هن ڀيري انهن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻو آهي ته جيئن اميدن تي پورو لهي سگهجي. ڊي جي رينجرز محمد سعيد جي سفارشن تي وڏي وزير مختلف هدفن لاءِ انچارجن کي نامزد ڪيو. ڊي آءِ جي ڏکڻ ڪراچي هوٽل سڪيورٽي جو انچارج هوندو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ٽريفڪ روٽس جو انچارج هوندو ۽ ڊي سي اوڀر ڪراچي پارڪنگ انتظامن جو انچارج هوندو. ان ڳالهه جو به فيصلو ڪيو ويو ته هن ڀيري پيئڻ جي پاڻي جو گهڻي مقدار ۾ بندوبست ڪيو ويندو. پي سي بي وڌيڪ فوڊ اسٽال جي انتظامن تي زور ڀريو آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ميچ شام ساڍي ستين وڳي کان اٺين وڳي تائين شروع ٿي سگهندو. ان تي وڏي وزير چيو ته انهن ڏينهن ۾ ميٽرڪ جا امتحان به شروع ٿي رهيا آهن انڪري شاگردن جي امتحاني مرڪزن ۾ پهچڻ جي حوالي سان سهولتون ڏيڻ لاءِ به سمورا ضروري انتظام ڪيا وڃن. هن چيو ته ٽن ڏينهن جي ميچن ڪري ڪجهه روڊ بند ٿي سگهن ٿيون پر روڊن جي بندش سان امتحانن جو عمل ڪنهن به ريت متاثر نه ٿيڻ گهرجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پارڪنگ لاءِ اسٽيڪرز مختلف ڏينهن جي حوالي سان مختلف هوندا. هر هڪ ڏينهن لاءِ ڪلر اسڪيم مختلف هوندي ۽ اسٽيڪرز ۾ پارڪنگ جو هنڌ به شامل هوندو. وي وي آءِ پي اسٽيڪرز به مختلف رنگن ۾ هوندا. وڏي وزير گهٽ ۾ گهٽ وي وي آءِ پي اسٽيڪرز جاري ڪرڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته اسانکي وي وي آءِ پي ڪلچر کان لاچاري ڏيکارڻي آهي. سمورن شرڪت ڪندڙ وڏي وزير کي پي ايس ايل ميچن ۾ ذاتي طور تي دلچسپي وٺڻ ۽ ان کي تاريخي ايونٽ بڻائڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته هاڻ ان ايونٽ کي به اسان هڪ تاريخي ايونٽ بڻائينداسين. وڏي وزير چيو ته اها سنڌ ۽ پاڪستان جي ماڻهن ڪاميابي آهي ته بين الاقوامي ڪرڪيٽ ملڪ ۾ واپس آئي. وڏي وزير مڪاني ادارن واري صوبائي وزير کي هدايت ڪئي ته هُو ميئر ڪراچيءَ سان رابطي ۾ رهي ۽ شهر کي ڪرڪيٽرز جي تصويرن سان سنواريو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *