وڏيون گرفتاريون ٿي ويون، الله تعاليٰ کي پاڪستان تي رحم اچي ويو آهي: عمران خان

اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر جي اڳواڻن جي گرفتاري تي ڳالهائيندي چيو آهي ته الله تعاليٰ کي پاڪستان تي رحم اچي ويو آهي ۽ جيڪي ماڻهو پڪڙجي رهيا آهن ان سان اسان کي فائدو يندو.ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن جي گرفتاري جو به ذڪر ڪيو ويو. ذريعن موجب وزيراعظم اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن جي گرفتاري تي دلچسپ ذڪر ڪندي چيو ته وڏيون گرفتاريون ٿي ويون آهن. الله تعاليٰ کي پاڪستان تي رحم اچي ويو آهي. جيڪي ماڻهو پڪڙجي رهيا آهن ان سان اسان کي فائدو ٿيندو.اجلاس دوران کيس لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين جي گرفتاري کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس ۾ چيو ته مهذب معاشري ۾ ننڍي وڏي لاءِ الڳ قانون ناهي هوندو،  تنهنڪري نئين پاڪستان ۾ سڀني لاءِ هڪجهڙو قانون آهي.اجلاس ۾ اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم جي ترقياتي فنڊ جاري نه ٿيڻ تي شڪايت ڪئي جنهن تي وزيراعظم عمران خان چيو ته تمام جلد اسيمبلي ميمبرن جي تڪن لاءِ فنڊ جاري ڪنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *