اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سعودي عرب طرفان سٺو اقتصادي پيڪيج ملڻ تي الله جو شڪر ادا ڪيان ٿو ۽ هاڻ جيڪڏهن عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) وٽ ويندا ته قرض ۽ شرطن جو ٻولهه وڌيڪ نه هوندو. قوم کي خطاب ڪندي عمران خان چيو اقتدار ۾ آياسين ته قرضن سبب مهانگائي جي شرح اڳ ئي گهڻي هئي، سعودي عرب وٽ وڃڻ کان اڳ جيڪڏهن آءِ ايم ايف وٽ وڃون ها ته وڌيڪ قرض وٺڻ تي سخت شرطن جو مطالبو ٿئي هئا ۽ نتيجي ۾ عوام تي مهانگائي جو ٻوجهه وڌي وڃي ها. وزيراعظم خوشخبري ڏني ته وڌيڪ اقتصادي پيڪيج حاصل ڪرڻ لاءِ ٻن دوست ملڪن سان لاڳيتو رابطي ۾ آهيون، الله جو شڪر آهي جو اسان کي سعودي عرب طرفان سٺو پيڪيج ملي ويو، جنهن سبب هاڻ آءِ ايم ايف وٽ وينداسين ته قرض جو ٻوجهه وڌيڪ نه هوندو. هن اشارو ڏنو ته يمن ويڙهه کي ختم ڪرائڻ لاءِ پاڪستان ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪندو، مسلم ملڪن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. تحريڪ انصاف سربراهه ماضي جو حوالو ڏيندي چيو ته 1971ع ۾ پاڪستان جو قرض 30 ارب هو، جيڪو 2008ع تائين 6 هزار ارب ٿي ويو ۽ گذريل 10 ورهين ۾ قرض جو ڪاٿو 30 هزار اربن تائين پهچي ويو، اسان تمام جلد عوام کي خوشخبريون ٻڌائينداسين. عمران خان ڪنهن به پارٽي جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته جمهوريت کي بچائيندڙن ملڪ کي قرضن ۾ ٻوڙي ڇڏيو، گذريل حڪمرانن جون بگڙيل شيون درست ڪري رهيا آهيون، اسان جي پاليسين جو ثمر ويجهي مستقبل ۾ نظر ايندو. وزيراعظم سياسي مخالفن جي حوالي سان چيو ته 30 هزار ارب رپين جي آڊٽ ڪرائينداسين ته جيئن خبر پئي ته پئسو ڪيڏانهن ويو؟ جنهن کي روڪڻ جا جلسا جلوس ڪيا پيا وڃن، سياسي پارٽين جا اڳواڻ پراڻن ڪيسن تي اسان کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام پريشان نه ٿئي، اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪرپشن برداشت نه ڪنداسين. عمران خان واضح ڪيو ته حڪومت کان اين آر او جو مطالبو ڪيو پيو وڃي ته جيئن سياسي پارٽين جي چوري نه پڪڙجي سگهي، سموريون سياسي پارٽيون ٻڌي ڇڏين ته اين آر او جي ڪا گنجائش ناهي. هن خبردار ڪندي چيو ته اسان ڪنهن ڪرپٽ انسان کي نه ڇڏينداسين، عوام سان واعدو ڪيو هو ته ڪرپٽ ماڻهن کي جيلن ۾ وجهنداسين، جيڪو هر حال ۾ پورو ڪنداسين.27