وڌندڙ لوڊشيڊنگ تي وزيراعظم پاڻي بجلي وزارت جي اعليٰ عملدارن تي ڏمرجي پيو

اسلام آباد (بيورو): ملڪ ۾ وڌندڙ لوڊشيڊنگ تي وزيراعظم نواز شريف عملدارن تي ڏمرجي پيو، وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم جو چوڻ هو ته وقت سر منصوبابندي نه ڪندڙ تي ذميداري لاڳو ڪئي وڃي، وزيراعظم جو اهو به چوڻ هو ته جواز نه ڏيو، عوام کي بجلي ڏيو، گرمي۾ اضافي جو بهانو مناسب ناهي، لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي لاءِ عملي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي، عوام جي پريشاني ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، پاڻي بجلي واري وزارت جي عملدارن چيو ته گرمي جي شدت ۾ وقت کان اڳ اضافو لوڊشيڊنگ وڌڻ جو سبب بڻيو، جنهن تي وزيراعظم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته وضاحت ڏيڻ بدران وقت سر منصوبابندي نه ڪندڙن تي ذميداري لاڳو ڪئي وڃي، گرمي وڌڻ ۽ ڊيمن ۾ پاڻي جي کوٽ جي خبر هئي ته پوءِ منصوبابندي ڇو نه ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته بجلي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن، لوڊشيڊنگ ۾ فوري طور گهٽتائي جا قدم کڻي عوام کي رليف ڏنو وڃي، بجلي منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا وڃن، ذريعن موجب پاڻي بجلي وزارت جي عملدارن اجلاس کي ٻڌايو ته بجلي جي پيداوار 12 هزار 220 ميگا واٽ آهي، جڏهن ته طلب 18 هزار 900 تائين پهچي چڪي آهي، جنهن سبب شارٽ فال 6 هزار 680 ميگا واٽ ٿي ويو آهي، شهري علائقن ۾ 10 کان 12 جڏهن ته ٻهراڙين ۾ 18 ڪلاڪ تائين لوڊشيڊنگ جاري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *