اسلام آباد: (بيورو) جج ارشد ملڪ جي وڊيو ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو آهي ته ڪابه ڪميشن احتساب عدالت جي فيلي کي ختم نٿي ڪري سگهي. جڏهن ته شاهديون جو جائزو وٺي هاءِ ڪورٽ ئي نوازشريف کي رليف ڏئي سگهي ٿي.سپريم ڪورٽ ۾ جج ارشد ملڪ وڊيو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسا اٽارني جنرل کي چيو ته تجويزون ڏيو ته عدالت کي ڇا ڪرڻ گهرجي. اٽارني جنرل انور منصور خان دليل ڏيندي چيو ته درخواستن ۾ جوڊيشل ڪميشن جي درخواست ڪئي وئي آهي، هڪ درخواست ارشد ملڪ خلاف ڪارروائي جي به آهي، سموريون حقيقتون عدالت جي سامهون آهن. اٽارني جنرل چيو ته جج ارشد ملڪ بياني حلفي به جمع ڪرائي چڪو آهي، جج ايف آءِ اي وٽ درخواست جمع ڪرائي آهي.هن چيو ته جوابدار طارق محمود جج جي وڊيو عيوض لينڊ ڪرورز حاصل ڪئي، جوابدار جي دعويٰ آهي ته جيڪو چيڪ کيس ڏنو ويو اهو ڪيش ئي نه ٿيو. سندس چوڻ هو ته ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو آهي، اليڪٽرانڪ ڪرائيم ايڪٽ جي شق 20 تحت قيد ۽ لک رپيه ڏنڊ ٿي سگهي ٿو، ايف آءِ آر کانپوءِ جوابدار طارق محمود کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ميان طارق کان لينڊ ڪروزر هٿ ڪئي وئي آهي، هن وٽ جج ارشد ملڪ جون ڪيتريون ئي وڊيو موجود آهن، جاچ جاري آهي، ايف آءِ اي جوابدارن تائين پهچي چڪي آهي. چيف جسٽس چيو ته وڊيو سان جج جي موقف جو هڪ حصو درست ثابت ٿيو، وڊيو ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي اسان کي خبر ناهي، هڪ وڊيو جي تصديق ڪرائي وئي آهي، جج اهڙي حرڪت ڪئي تڏهن ئي بليڪ ميل ٿيو آهي، جج طور ارشد ملڪ کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي ها، هڪ وڊيو اها به آهي جيڪا پريس ڪانفرنس ۾ ڏيکاري وئي آهي.آصف سعيد کوسا چيو ته آڊيو ۽ وڊيو جي رڪارڊنگ الڳ الڳ ڪئي وئي، جڏهن ته پريس ڪانفرنس ۾ آڊيو ۽ وڊيو کي جوڙي ڏيکاريو ويو، آڊيو ۽ وڊيو مڪس ڪرڻ جو مطلب آهي ته اصل مواد نه ڏيکاريو ويو آهي. اٽارني جنرل چيو ته پريس ڪانفرنس واري اصل وڊيو هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته هتي هڪ آپن توهان ايف آءِ اي ۽ ٻيو نيب قانون جو ڏنو آهي، ٽيون آپشن تعزيرات پاڪستان ۽ چوٿون پيمرا قانون جو ڏنو آهي، پنجون آپشن حڪومتي ڪميشن ۽ ڇهون جوڊيشل ڪميششن جو آهي جڏهن ته آخري آپشن آهي ته عدالت پاڻ ئي فيصلو ڪري. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪا ڪميشن يا پيمرا احتساب عدالت جو فيصلو ختم نه ٿي ڪري سگهي، شاهدين جو جائزو وٺي هاءِ ڪورٽ ئي نواز شريف کي رليف ڏئي سگهي ٿي، جوڊيشل ڪميشن رڳو راءِ ڏئي سگهي ٿي، فيصلو نه، ڇا سپريم ڪورٽ جي مداخلت جو فائدو ٿيندو يا خبرون ٺهنديون.